
آسٽريليا جي اڳوڻي ڪپتان ڊيوڊ ڪپتان مٿان ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ٽوڙڻ جي الزام هيٺ تاحيات ڪپتاني ڪرڻ تي لڳايل پابندي ختم ڪرڻ تي غور ڪيو ويو آهي، جنهن تحت امڪان آهي تھ مٿس لڳايل پابندي کي ختم ڪيو ويندو. ميڊيا رپورٽس ۾ چيو ويو آهي تھ ڪرڪيٽ آسٽريليا پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ خاطر اڄ اهم اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ انٽيگريٽي ڪوڊ تي پڻ ٻيهر غور ڪري ان جو جائزو ورتو ويندو تھ جيئن ڊيوڊ وارنر تان پابندي ختم ڪرڻ جو رستو ڳولي سگهجي. ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سربراهه ليڇلان هينڊرسن جو چوڻ آهي تھ ڊيوڊ وارنر بهترين نموني کيڏي رهيو آهي، مٿس پابندي واري قانون تي غور بعد حتمي فيصلو ڪيو ويندو.