
ويمن ايشيا ڪپ ٽي 20 جي ٻئي سيمي فائنل ۾ پاڪستان کي دلچسپ مقابلي بعد رڳو هڪ رنس تان شڪست ڏئي سريلنڪا فائنل ۾ پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق ويمن ايشيا ڪپ جي سيمي فائنل ۾ سريلنڪا جي بيٽرن 6 وڪيٽن تي 122 رنسون ٺاهي پاڪستان کي آسان هدف ڏنو، جنهن ۾ هرشيٿاوڪرما 35، انوشڪار سنجيواني 26، ڪپتان چماري اتاپٽو 10، نلاشڪي ڊي سلوا 14 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ پاڪستاني ٽيم 6 وڪيٽن تي 121 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن ۾ ڪپتان بسما معروف 42، ندا ڊار 26، منيبا علي 18 رنسون ڪيون آهن. جڏهن تھ بالرن مان پاڪستان جي بالر نشارا سنڌو 3 شڪار ڪيا، پر سريلنڪا جي آئنوڪا راناويرا 2 وڪيٽن سان پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ماڻي ورتو.