
ڀارت جي اومپيئن ريسلر سشيل ڪمار ۽ سندس ساٿين خلاف ساٿي ريسلر ساگر ڌنڪار کي قتل ڪرڻ جو فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق دهلي جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ريسلر سشيل ڪمار ۽ سندس 17 ساٿين مٿان ريسلر ساگر ڌنڪار جي قتل جو فرد جرم لاڳو ڪيو آهي. عدالت جي جج پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي تھ هي قتل ۽ قتل جي ارادي جو مضبوط ڪيس آهي.