ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

”پويان پاڻي، اڳيان باهه“

Editorial-Article-Ajaz Mangi

سنڌ جي صورتحال کي چئن لفظن ۾ به لکي سگهجي ٿو. اها چار لفظ آهن ”پويان پاڻي، اڳيان باهه“!
سنڌ هن وقت اهڙي ٻه واٽي تي بيٺي آهي جو هن کي موت جي ڪا هڪ صورت قبول ڪرڻ جي چونڊ ملي آهي. اها ڪيتري نه ظالم چونڊ آهي. چون ٿا ته تاريخ جا سفاڪ ترين حڪمران ماڻهن کي اهڙين سزائن جي چونڊ ڏيندا هئا، جن ۾ چونڊ جي ڪا به گنجائش نه بچندي هئي. اهو ڪيترو نه ظالم عمل آهي جو ڪنهن کان اهو پڇيو وڃي ته هو ٻڏي مرڻ پسند ڪندو يا هن کي سڙي مرڻ وڻي ٿو؟ جڏهن هڪ فرد کان به اهڙو ڪڌو سوال پڇڻ جي لاءِ هر فڪر ۽ هر فلسفو منع ٿو ڪري ته هڪ قوم کان اهو ڪيئن ٿو پڇي سگهجي ته هو ڪهڙو موت قبول ڪندي؟
هن کي ٻڏي مرڻو آهي يا هن کي سڙي مرڻو آهي؟ سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ سبب ڪيترائي انسان ٻڏي مئا ۽ جيڪي انهن مان بچيا سي جڏهن پنهنجن ٻڏل ماڳن جي طرف موٽي رهيا هئا ته اهي سڙي ڪوئلا ٿي ويا. ڇا سنڌ جي حصي ۾ هن ملڪ جي حاڪمن صرف اهي صورتون سوچيون آهن؟ ڇا انهن وٽ سنڌ جي لاءِ صرف ۽ صرف موت آهي؟ ڇا انهن وٽ زندگيءَ جي ڪا به صورت ڪونهي؟ ڇا سنڌ صرف موت جي حقدار آهي؟ ڇا سنڌ ڪو اهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو هن جي لاءِ موت جي سزا اوس آهي. هاڻي اهو هن تي مدار آهي ته هوءَ ڪيئن مرڻ پسند ڪري ٿي؟
اسان کي ٻڌايو ته ڪهڙو موت آسان آهي؟ ٻڏي مرڻ ۾ تڪليف گهٽ هوندي آهي يا سڙي مرڻ سولو هوندو آهي. ڇو ته هن مهل تائين اسان جيڪي آپگهات جا اڪيچار طريقا ڏٺا آهن، انهن ۾ زندگيءَ کان تنگ آيل ڪي انسان پاڻ کي باهه ڏئي پاڻ کي ساڙي پنهنجو انت آڻيندا آهن يا وري هو کوهه ۾ يا درياهه ۾ پاڻ کي اڇلائي زندگيءَ مان نجات حاصل ڪندا آهن. هن وقت تائين عام ماڻهن کي معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته ڪهڙي قسم جو موت گهٽ تڪليف وارو هوندو آهي؟
آمريڪا جي هڪ جيل ۾ موت جي قيديءَ کي جڏهن زهريلي گئس ذريعي موت جي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو ته هن کي جيل جي ڊاڪٽر آخر ۾ سمجهايو ته جڏهن توکي شيشي جي ڪمري ۾ پوري ان ۾ زهريلي گئس ڇڏي وڃي، تڏهن هو وڏا وڏا ساهه کڻي. قيديءَ ڊاڪٽر کان پڇا ڪئي ته ان سان ڇا ٿيندو؟ ڊاڪٽر قيديءَ کي چيو ته ان سان توکي مرڻ ۾ گهٽ تڪليف ٿيندي؟ قيديءَ ڊاڪٽر کان پڇا ڪيو ته توکي ڪيئن پتو پيو ته ان سان تڪليف گهٽ ٿيندي آهي؟ چون ٿا ته ڊاڪٽر اهو سوال ٻڌي خاموش ٿي ويو ۽ هن جو ڪنڌ ڪنهن عجيب احساس سبب جهڪي ويو. هن دنيا ۾ اهڙو موت به ٿي سگهي ٿو؟ جنهن جي باري ۾ رحم جي تقاضا مدنظر رکي وڃي. جنهن ۾ اهو سوچيو وڃي ته اهڙو رستو اختيار ڪجي جو مرڻ واري کي ڪنهن طرح سان گهٽ تڪليف پهچي؟ موت جي سزا ۾ رحم جو پهلو تلاش ڪرڻ جهڙي سفاڪي سوچڻ به انسانيت ۽ شعور جي تمام گهڻي توهين آهي پر اسان جي تاريخ ۾ اها توهين تمام گهڻي موجود آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي تلخ ترين تاريخ مان توهين وارا باب ڪڍي ڇڏيون ته پاڇيءَ ۾ ڇا بچندو؟
تاريخ جي مشهور ماڻهن جي سلسلي ۾ حقيقتون گهٽ ۽ افسانا وڌيڪ قلمبند ڪيا ويا آهن. ان ڪري اها تميز ڪرڻ تمام مشڪل ٿئي ٿي ته اهو سچ آهي يا اهو هڪ افسانو آهي؟ ساڳي طرح سان دنيا جي ظالم ترين ڪردار چنگيز خان جي سلسلي ۾ هڪ مشهور واقعو آهي ته هن کان هڪ ڀيري پڇيو ويو ته ڇا هن کي ڪڏهن ڪنهن هنڌ ڪنهن قسم جو رحم آيو؟ چنگيز خان چيو ته هڪڙي ڀيري هڪ ٻار نديءَ ۾ ٻڏي رهيو هو ۽ هن جي ماءُ ايتريون ته رڙيون ڪري رهي هئي جو مون جهڙي ماڻهوءَ کي به رحم اچي ويو. چنگيز خان کان پڇيو ويو ته ان رحم جي صورت ۾ ڇا ڪيو؟ چنگيز جواب ڏنو ته مون گهوڙي کي اڙي هڻي نديءَ جي طرف موڙيو ۽ پنهنجو ڀالو ٻار جي وجود ۾ هڻي هن جي ماءُ کي اهو ٻار واپس ورائي ڏنو. جڏهن رحم جون صورتون اهڙيون هجن ته پوءِ بي رحميءَ جي حد ڪهڙي هوندي؟ اسان وٽ ان سوال جو ڪو جواب ناهي. اهڙي سوال جو جواب ٿي به نه ٿو سگهي. ڇو ته اهڙو سوال تمام گهڻو سنگين هوندو آهي ۽ اهڙي سوال جي سلسلي ۾ جيڪي به جواب سامهون اچن، انهن ۾ چڀت هوندي آهي. انهن ۾ تمام گهڻي پيڙا هوندي آهي.
سنڌ ان سنگين پيڙا مان گذري رهي آهي. سنڌ يا سوڪهڙي جو شڪار رهندي آهي ۽ پگهريل انسان احتجاج ڪندي پاڻيءَ لاءِ نعرا هڻندا نظر ايندا آهن. سنڌ کي سوڪهڙي جي سزا نه ملندي آهي ته پوءِ ڊيمن تان ڇلڪندڙ پاڻي سنڌ ۾ ڇڏيو ويندو آهي ۽ سنڌ ٻڏندي ٻاڪارڻ لڳندي آهي. اسان جي آڏو هن مهل به اهي منظر آهن ته ڪهڙي طرح پنهنجن ٻڏل ڳوٺن ۽ شهرن مان ماڻهن جا ترندڙ لاش هٿ آيا؟ ان کان پوءِ سنڌ بک جي باهه ۾ سڙندي نظر آئي. اسان سڀني ڏٺو ته ڪهڙي طرح مظلوم ۽ مانيءَ کان محروم ماڻهو اٽي لپ لاءِ هڪ ٻئي سان وڙهندا نظر آيا. ڪهڙي طرح ماڻهن کي تذليل جي مرحلن مان گذاريو ويو؟ ڪهڙي طرح ماڻهن سان جانورن کان بدتر سلوڪ ڪيو ويو ۽ ڪهڙي طرح انسانيت جي تذليل جا سڀ کان تلخ باب لکيا ويا.
سنڌ ان تڪليف ۽ ان پيڙا مان هن مهل تائين پار نه پئي آهي ۽ حڪومت توڙي مخير ماڻهن جا هٿ تنگ ٿيندو ڏسي جڏهن مستقل جياپي جي لاءِ سنڌ جا ستايل بي گهر ماڻهو پنهنجن ماڳن طرف ورڻ لڳا آهن ته انهن سان اهو حشر ٿيڻ لڳو آهي. جنهن جو هڪ تمام وڏو دل خراش منظر اسان کي نوري آباد ۾ ان ڪوچ جي صورت نظر آيو، جيڪا جلي رک ٿي وئي هئي. جنهن ۾ 17 انسان اجل جو شڪار ٿي ويا. اهي انسان جيڪي هڪ عجيب احساس سان گهر واپس پئي وريا. انهن جي دلين ۾ تمام گهڻا خواب ۽ خدشا هئا. انهن کي مهينن کان پوءِ پنهنجن ڳوٺن، پاڙن ۽ گهرن جا منظر ڏسڻا هئا. انهن کي ڏسڻو هو ته هو نئين سر زندگيءَ جي ابتدا ڪهڙي طرح ڪندا.
خوف ۽ خوشيءَ جي گڏيل احساس سان لبريز اهي انسان جڏهن وچ رستي تي هئا ته انهن جي ڪوچ کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي. ان باهه جي واقعي تي حڪمرانن وٽ احساس جا بيحس اظهار هوندا آهن. انهن کي اهڙين خبرن جو ردعمل ڏيڻ جي لاءِ هڪ طرح جو فارم ڀرڻو پوندو آهي. ان ۾ صرف تاريخ، هنڌ ۽ مرڻ وارن جو تعداد لکڻو پوندو آهي. جڏهن ته سرڪار افسوس جا لفظ اڳواٽ لکيل هوندا آهن. اهڙن واقعن تي مٽي وجهڻ ۽ انهن کي نظراندا ڪرڻ ڪو اسان جي حڪمرانن کان سکي. ڇو ته انهن کي اهو ڊپ هوندو آهي ته جيڪڏهن ان قسم جا واقعا عالمي سطح تائين ويا ته انهن جي حڪمرانيءَ مٿان اعتراض اٿندا. ڇو ته اسان جو ملڪ انهن ملڪن کان امداد وٺڻ جي ڪوشش ۾ آهي، جن ملڪن ۾ اهڙا واقعا اتفاق قرار نه ڏنا ويندا آهن. انهن واقعن جي باري ۾ جيڪا جاچ ٿيندي آهي، اها تمام گهڻي ڀرپور هوندي آهي. ان ۾ حادثو لفظ وڏي هوش سان استعمال ٿيندو آهي. ان ۾ اهو نه ٿيندو آهي ته اهو اتفاق سان واقعو پيش آيو ۽ بس. اها ڪوچ ڪنهن ڪرائي؟ اها ڪوچ ڪهڙي هئي؟ اڳ ۾ ڪهڙي روٽ تي هلندي هئي؟ ان جو فٽنيس سرٽيفڪيٽ ڪنهن جاري ڪيو؟ اهي سوال ان جهڙا ڪيترائي ٻيا اهم ۽ ڪارائتا سوال ڪر کڻي بيٺا آهن پر اسان پنهنجي ماضيءَ جي پس منظر ۾ اها اڳڪٿي ڪري سگهون ته ان واقعي ۾ رک ٿي ويل ماڻهن سان ڪنهن به قسم جو انصاف نه ٿيندو. ڇو ته اسان وٽ ان قسم جون روايتون ئي ناهن. جيڪڏهن اسان وٽ انصاف ۽ قانون جي حڪمرانيءَ جون مضبوط روايتون هجن ها ته ڪرپشن ڪڏهن به نه ٿي سگهي ها ۽ جيڪڏهن ڪرپشن نه ٿئي ها ته سنڌ جا شهر ۽ ڳوٺ نه ٻڏن ها. ماڻهو پنهنجن وطن ۾ جلاوطن نه ٿين ها. انهن کي ڪي اين شاهه ۽ قمبر شهدادڪوٽ کان سفر ڪري ڪراچيءَ نه اچڻو پوي ها ۽ خوددار ماڻهن کي خيرات گهرڻ تي مجبور نه ٿيڻو پوي ها ۽ ماڻهو ائين نه مرن ها، جيئن مئا. ان حوالي سان ماڻهن جي اهڙي سڙڻ تي به حيرت نه کائڻ گهرجي. ڇو ته هي ڪوئي پهريون واقعو ناهي، جڏهن مسافر منزل بدران مقامن ۾ پهچي وڃن. جڏهن انهن جي سواري انهن جي لاءِ اهڙي بٺي بڻجي وڃي، جنهن مان انهن جي جليل جسم نڪرن ته انهن جي سڃاڻپ به نه ٿي سگهي.
نوري آباد ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهو جنهن وحشت واري ماحول ۾ سڙي مئا آهن، انهن جا تفصيل اسان جي لونءَ ڪانڊارن ٿا. جڏهن ته اسان جي لونءَ هن دور ۾ ايترا ڀيرا ڪانڊارجي چڪي آهي جو هاڻي ان ۾ ڪانڊارجڻ جي قوت به نه رهي آهي پر هي صدمو تمام سخت آهي. هي واقعو پنهنجي نوعيت ۾ انسان جي دل کي ايترو ته ڀيڪوڙي ٿو جو ان مان باقي بچيل لڙڪ اکين جي معرفت ڳلن تي ڪري ٿا پون.
ڇا انهن حڪمرانن ۾ ايتري جرئت آهي؟ ڪرپشن جي ڪيسن مان باعزت بري ٿيندڙ حڪمرانن وٽ ايتري اخلاقي قوت آهي جو هو سنڌ جي ماڻهن کان سڌو سنئون اهو سوال پڇا ڪن ته سنڌ جا ماڻهو ڪهڙي ريت مرڻ ٿا چاهين؟ ڇو ته جيئڻ جو حق ته سنڌ کي حاصل ئي ناهي. جيئڻ جو حق هجي ته ٻار ڇو ٻڏن؟ مائون ڇو سڙن؟ جيئڻ جي حق مان محروم ٿيل ماڻهن کي سرعام اهو سوال پڇيو وڃي ته انهن کي موت جو ڪهڙو طريقو قبول آهي؟ ٻڏي مرڻ وارو يا سڙي مرڻ وارو؟ جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن کي معلوم هجي ها ته انهن کي آخر ۾ سڙي مرڻو آهي ته هو ايتري ساري تڪليف ڇو برداشت ڪن ها. ڇا ٻڏي مرڻ سڙي مرڻ کان بهتر نه هو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button