
جرمني ۾ فارمولا ون ڪار جي هڪ ايونٽ ۾ خوفناڪ حادثي ۾ اڳوڻي چيمپيئن مائيڪل شومارڪر جو ڀائيٽو ڊيوڊ شومارڪر شديد زخمي ٿي پيو آهي، جنهن جي ڪرنگهي جي هڏي ٽٽي پئي آهي. ميڊيا مطابق ڊيوڊ شومارڪر جي ڪار بي قابو ٿي جهنگلي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ۾ سندس هڏي کي نقصان ٿيو آهي.