رانديون

آخري ميچ نھ ٿي، انگلينڊ آسٽريليا خلاف ٽي 20 سيريز کٽي ورتي

آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي 20 سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ برسات جي حوالي ٿيڻ بعد بنا نتيجي ختم ٿي وئي، جنهن بعد ٽي 20 سيريز 2 ميچن جي فاتح انگلينڊ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ 12 اوورن ۾ 2 وڪيٽن تي 112 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ آسٽريليا جا 30 رنس تي 3 بيٽر آئوٽ ٿي ويا، پر راند جا اوور محدود ڪري آسٽريليا کي 130 رنسن جو هدف ڏنو ويو، پر راند جي چوٿين اوور دوران ئي گهربل 5 اوور ٿيڻ کان اڳ ٻيهر برسات بعد ميچ کي روڪي بنا نتيجي ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button