جڏهن انسان تهذيب جي چائنٺ تي قدم رکيو ته، هن ان ڳالهه تي به ويچارڻ شروع ڪيو ته، سماج جي تنظيم ڪيئن هئڻ گهرجي، ٻين لفظن ۾ هنن سماجي زندگيءَ کي منظم ڪرڻ لاءِ معقول طور طريقن تي غور ۽ فڪر ڪيو. اصل ۾ اهو ئي اهو دور آهي، جڏهن انسان اقتدار جي مختلف شڪلين کي به ويچار هيٺ آڻي ٿو. جڏهن انسان اقتدار جي مختلف صورتن تي غور ڪيو ته، ان دوران ان سوال سان به منهن مقابل ٿيو ته، نيٺ اقتدار جو والي وارث ڪير هئڻ گهرجي؟ ان سوال جي جواب جي ڳولا ۾ ان دور جا ڪي ماڻهو ان نتيجي تي به پهتا ته، جيئن ته سماج ۽ تاريخ جو اصل خالق عوام آهي، اهو عوام ئي آهي جيڪو تهذيبن، ثقافتن ۽ انسانذات جي مجموعي گهرجن جي پوراءُ لاءِ مادي قدرن جو پيدا ڪندڙ آهي، تنهنڪري، سياسي اقتدار جو مالڪ به عوام کي ئي هجڻ گهرجي. پر اهو به سچ آهي ته، آڳاٽي دور کان وٺي اقتدار عوام بجاءِ نمرودن، فرعونن، سيزرن، سلطانن ۽ زارن وغيره جي قبضي ۾ رهيو. ايئن به نه آهي ته، انهن جابرن آسانيءَ سان پنهنجو اهو قبضو برقرار رکيو، انهن خلاف اسان کي ڪيتريون ئي عوامي بغاوتون به ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون. مثلن قديم دور ۾ رومي سلطنت خلاف غلامن جون بغاوتون ملن ٿيون، جن مان اسپارٽيڪس جي بغاوت گهڻي مقبول رهي آهي، جن تي فلمون به ٺهيون آهن. جڏهن ته وچين دور ۾ هارين جون بغاوتون ۽ جديد يا سرمائيداراڻي دور ۾ سامراجي سرمائيداريءَ خلاف مزدورن ۽ مظلوم قومن جون بغاوتون ملن ٿيون. پر تاريخ ۾ پهريون ڀيرو روس اندر آڪٽوبر 1917ع جي مزدورن ۽ هارين جي بغاوت “اقتدار جي شڪل ڪهڙي هئڻ گهرجي ۽ ان جو مالڪ ڪير هجي” واري هزارن سالن کان اڻ نبريل سوال کي نبيريندي، سياسي اقتدار جو مالڪ مزدورن ۽ هارين کي بڻائي ڇڏيو. تنهنڪري، آڪٽوبر انقلاب ڪل انساني تاريخ جو پهريون انقلاب هو، جنهن سماج جي پيسيل طبقن کي حاڪم طبقي جي حيثيت ڏني.
اهو آڪٽوبر انقلاب ئي هو، جنهن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صنفي متڀيد جو خاتمو آڻيندي، عورتن کي مردن جي برابر جي حيثيت ڏني. پهريون ڀيرو عورتن کي اهم رياستي منصبن تي ويهاريو ويو. مطلب آڪٽوبر انقلاب تاريخ جي اڻ ڳڻين مسئلن کي نبيريو. آڪٽوبر انقلاب جي نتيجي ۾ هڪڙا مسئلا پاڻ سويت روس اندر نبيريا ويا، پر ساڳي وقت ان انقلاب عالمي سطح به گهرا اثر ڇڏيا. خاص طور سامراج جي بيٺڪيتي سرشتي کي ڪمزور ڪندي، دنيا ۾ بيٺڪيتي طاقتن ۽ عالمي سامراج خلاف هلندڙ تحريڪن ۾ نئون روح ڦوڪيو. آڪٽوبر انقلاب جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي ڪامريڊ اسٽالن پنهنجي مضمون “آڪٽوبر انقلاب ۽ قومي سوال” ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
آڪٽوبر انقلاب جي عظيم عالمگير اهميت بنيادي طور انهن حقيقتن تي ٻڌل آهي ته:
(1) ان قومي مسئلي جي دائري کي وسيع ڪيو ۽ يورپ ۾ قومي جبر ۽ تشدد جو مقابلو ڪرڻ جي خاص مسئلي کي سامراج کان نجات ڏيارڻ واري عمومي مسئلي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
(2) ان انهن جي ڇوٽڪاري لاءِ وسيع امڪان پيدا ڪري رستا کولي ڇڏيا آهن. اهڙي طرح ان اولهه ۽ اوڀر جي مظلوم قومن جي آزاديءَ جي مقصد جي تڪميل جو ڪم تمام آسان ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن کي سامراج خلاف ڪامياب جدوجهد جي عام ڌارا ۾ شامل ڪيو آهي.
(3) اهڙي طرح ان سوشلسٽ اولهه ۽ محڪوم اوڀر وچ ۾ هڪ پل تعمير ڪري ڇڏي آهي ۽ عالمي سامراج خلاف انقلابن جو هڪ نئون محاذ قائم ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو روسي انقلاب ذريعي اولهه جي پورهيتن کان ويندي اوڀر جي مظلوم قومن تائين ڦهليل آهي.
يقينن، آڪٽوبر انقلاب سامراج خلاف عالمي انقلابن جو پيش خيمو ثابت ٿيو. ان انقلاب کان پوءِ ئي دنيا جي مختلف خطن اندر هڪڙيون قومون غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان لاهي ڦٽو ڪندي، ترقيءَ جي غيرسرمائيداراڻي رستي جي چونڊ ڪن ٿيون ته، ٻيون قومون وري عوامي جمهوريتون قائم ڪندي، اڳتي وڌن ٿيون.
اهو به نه وسارڻ گهرجي ته، ان آڪٽوبر انقلاب ئي روس جي پٺتي پيل زرعي سماج کي جديد صنعتي ملڪ ۾ تبديل ڪندي، ان کي عالمي طاقت بڻايو. روس ۾ 1917ع ۾ آيل انقلاب کان پوءِ 1940ع تائين، خاص ڪري اسٽالن جي 1928ع ۾ شروع ڪيل سوشلسٽ ترقيءَ جي پنج سالا منصوبي کان پوءِ رڳو ڏهن يارنهن سالن اندر ٿيل ترقيءَ جو مثال انساني تاريخ ۾ نه ٿو ملي. اسان کي اولهه جي ترقيءَ جا وڏا وڏا مثال ڏنا ويندا آهن، پر اهو ناهي ٻڌايو ويندو ته، اها ترقي ڪيئن ۽ ڪهڙن بنيادن تي ٿي؟ اولهه جي ملڪن جي سرمائيداراڻي اوسر بيٺڪيتي دور کان سامراجي مرحلي تائين پنهنجين ڪالونين جو اگهاڙو استحصال ڪرڻ کان پوءِ ئي موجوده “مهذب” مرحلي تائين پهتي آهي. دراصل اولهه جي اها سرمائيداراڻي تهذيب ڪروڙين انسانن جي قتل ۽ غارتگريءَ تي ئي بيٺل آهي، جنهن پويان ايشيا کان آفريڪا ۽ آمريڪائن تائين ڪروڙين عوام جو پورهيو ۽ انهن جي وسيلن جي ڦرلٽ شامل آهي. جيڪڏهن اولهه جي موجوده ترقيءَ مان ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪائن ۾ وهايل ڪروڙين ماڻهن جي خون ۽ انهن جي دولت جي بيرحماڻي ڦرلٽ کي ڪڍي ڇڏجي ته، اها کوکلي ترقي ۽ تهذيب ڊهي اچي پٽ پوندي. ٻين لفظن ۾ اولهه جي سرمائيداراڻي ترقي ظلم ۽ استحصال تي بيٺل آهي، جنهن ٽن چئن صدين جو سفر ڪيو آهي، جڏهن ته سويت روس جي ترقيءَ جا بنياد نج عوامي آهن. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سوويت يونين اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته، بغير ڪنهن ظلم ۽ استحصال جي 10 سالن جي مختصر عرصي ۾ ترقيءَ جي معراجن تائين پهچي سگهجي ٿو. ٻين لفظن ۾ اولهه جي سرمائيداراڻي ترقي ۽ سوويت يونين جي سوشلسٽ ترقيءَ ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته، اولهه جي ترقي ظلم ۽ استحصال جو نتيجو آهي، جڏهن ته سوويت يونين جي ترقي پورهيتن ۽ هارين جي گڏيل سهڪار ۽ اشتراڪ تي آڌاريل آهي. پر ان تي ڪو به ڳالهائيندي نه ملندو. جڏهن ته سوويت يونين خلاف هڪ سرشتيوار زهريلي پروپئگنڊا ملندي. ان جو بنيادي مقصد رڳو هڪ ئي آهي ته سوشلزم کي هڪ “ناڪام” سماجي-معاشي ۽ سياسي نظام طور پيش ڪري، سرمائيداري کي ئي ترقيءَ جو “بهترين” ماڊل قرار ڏجي. پر اڄ عملي طور سرمائيداري پاڻ کي سنڍ ثابت ڪري چڪي آهي. سڄي دنيا اندر سرمائيداراڻين حڪومتن خلاف عوام ۾ ڪاوڙ ۽ بيچئني آهي. اها اهڙي صورتحال آهي، جيڪا اڄ ايڪيهين صديءَ ۾ به آڪٽوبر انقلاب جي بي مثال حاصلاتن جي اهميت ۽ افاديت تي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي.