ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان ۽ نيوٽرلز

Editorial-Article- Muhammad Ali Leghari

سورهن آڪٽوبر تي 9 قومي ۽ ٽن صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تي اليڪشن ٿي آهي، جن منجهان عمران خان قومي اسيمبلي جي ڇهن سيٽن تي سوڀ ماڻي آهي، جنهن مان عمران خان جي مقبوليت واضح نظر اچي رهي آهي. پيپلز پارٽي ملير ۽ ملتان مان سوڀاري ٿي آهي ۽ (ن) ليگ هڪ صوبائي سيٽ کٽي سگهي. عمران خان ڇهه سيٽون کٽڻ باوجود هارايل آهي ڇو ته پي ٽي آ اڳواٽ ئي قومي اسيمبلي جي هڪ سو پنجويهه سيٽن تان استعيفا ڏئي چڪي آهي ۽ انهن جي بقول ته هي چورن جي اسيمبلي آهي، ان ڪري عمران خان نه حلف کڻندو نه اسيمبلي ۾ وينداسين. ضمني اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو مقصد اسٽيبلشمينٽ پي ڊي ايم جي حڪومت ۽ عوام کي عوامي مقبوليت ڏيکارڻ هو. سو هاڻ اهڙي غير جمهوري رويي ۽ سياسي نابالغ سوچ مان ظاهر آهي ته انهن سمورن تڪن تي هڪ ڀيرو وري ضمني چونڊ ٿيندي ۽ قومي ناڻي جو غير ضروري زيان ٿيندو.
هاڻ اچون ٿا اصل موضوع ‘نيوٽرل’ تي. لفظ نيوٽرل انگريزي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ‘وچ تي’ يعني ‘ڪنهن به پاسي نه’. ‘نيوٽرل’ لفظ جو اصطلاح گذريل ڇهن مهينن کان پاڪستان جي سياسي، صحافتي ۽ عوامي حلقن ۾ عام آهي. هن وقت نيوٽرل جو لقب هڪ خاص طبقي لاءِ شرمساري جو ڪارڻ بڻيل آهي. پاڪستاني عوام ۽ حقيقي نظرياتي سياستدان گذريل پنجهتر سالن کان سراپا احتجاج آهن ته اهو طبقو نيوٽرل رهي جمهوريت جي ٻوٽي کي وڌي وڻ ٿيڻ ڏئي. ان خاص طبقي پاڪستان جي پنجهتر سالن جي تاريخ ۾ عوام ۽ عوام جي مقبول سياسي ليڊرن سان ڪلور ڪيا آهن. 1947ع کان وٺي ان طبقي جي پاڪستان ۾ اڻ سڌي ريت حڪمراني رهي آهي. هي طبقو پنهنجي غيرمعمولي طاقت سبب پاڪستان جي وجود کان وٺي هن وقت تائين اصل حڪمران آهي. هي طبقو پنهنجي غيرمعمولي طاقت ۽ وسيلن سبب هر اها شي ڪري سگهي ٿو، جيڪا ٻين لفظن ۾ ناممڪن آهي. نيوٽرلز پنهنجي بهادري سبب هر مسئلي تي اڳيان اڳيان رهيا آهن. انهن جي نظر ۾ سياستدان عام ۽ اُهي خاص آهن، جنهن سبب هر سياسي حڪومت پنهنجي انتظامي داخلي ۽ خارجي معاملن تي ان خاص طبقي جي رهنمائي، رضامندي کان سواءِ ڪو به قدم نه کڻندي آهي.
2018ع جي عام اليڪشن کانپوءِ ‘سيم پيج سيم پيج’ چئي عمراني حڪومت ۽ ‘نيوٽرلز’ جو رومانس شروع ٿيو. عمران خان لا ‘نيوٽرلز’ پنهنجي لوهي هٿن سان اپوزيشن کي ديوار سان لڳائڻ شروع ڪيو ۽ عمراني حڪومت هر روز اپوزيشن جي قيادت تي ڪوڙا ۽ هٿ ٺوڪيا ڪيس ڪندي رهي آهي. اهڙي عتاب ۽ جبر سبب اپوزيشن جي مرڪزي قيادت جيل هلي وئي ڇو ته عمراني حڪومت ۽ نيوٽرلز کي شروع کان اندازو هو ته جيڪڏهن اپوزيشن جي قيادت آزاد رهي ۽ کلي کيڏي ته انهن جو رومانس ختم ٿي ويندو. ‘نيوٽرلز’ جي ڀرپور حمايت سبب عمراني حڪومت پوڻا ٽي سال ڪڍي وئي. ان عرصي دوران قوم ۽ ميڊيا معاشي ترقي، هڪ ڪروڙ نوڪريون، پنجاهه لک گهر، بلين ٽري سونامي ۽ بي آر ٽي جا راڳ ٻڌندي رهي. 2018ع ۾ شروع ٿيل ‘سيم پيج’ وارو پنو ان وقت ڦاٽو جڏهن ‘نيوٽرلز’ کي پنهنجي اداري ۾ معمول موجب مقرريون ۽ بدليون ڪرڻيون هيون، جنهن تي عمران حڪومت ۽ ‘نيوٽرلز’ وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا. پيار ۽ رومانس جو اهو پنو مقررين ۽ بدلين جي باهه ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو. ڳالهه ايتري به سادي ناهي جو فقط بدلين ۽ مقررين تي پيدا ٿيل اختلاف غدار، مير جعفر ۽ مير صادق شرڪ ۽ مشرڪ تائين وڃي پهتي. اختلافن جي اصل ڪهاڻي عمراني حڪومت جي ڪارڪردگي هئي. هڪ پاسي پنجاب ۾ وسيم اڪرم پلس حڪومت جي نڪ هيٺان بشريٰ، بي بي فرح گوگي، احسن جميل گجر ۽ خاور مانيڪا جي مچايل لٽ مار ۽ ڪرپشن هئي. جن ٽي ٽي ڪروڙ وٺي ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ايس ايس پيز کي من پسند علائقن ۾ مقرر ۽ تبديل پئي ڪرايو.
پنجاب ۾ ضلعي انتظاميه ۽ پوليس کاتن ۾ ٽي هزار کان وڌيڪ اعليٰ آفيسر غير َضروري طور مقرر ۽ بدلي ڪرايا ويا. پوڻن ٽن سالن ۾ پنجاب ۾ ست آ جي پوليس ۽ پنج چيف سيڪريٽري تبديل ڪيا ويا، جنهن سبب کاتن جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي رهي جنهن تي عمران خان مجرماڻي غفلت ڪندي چپ رهيو ۽ ٻئي پاسي وفاقي حڪومت جي بيڊ گورننس هئي. معيشت آخري پساهن ۾ پهچي چڪي هئي ۽ مهانگائي آسمان تي پهتل هئي، جنهنڪري ‘نيوٽرلز’ وڏي دٻاءُ ۾ هئا. ‘نيوٽرلز’ طرفان بار بار اطلاع ڏيڻ باوجود عمران خان ان پاسي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ الٽو پنهنجي محسنن کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون ته اوهان منهنجي گهريلو معاملن ۾ دخل پيا ڏيو، جنهن تي ‘نيوٽرلز’ پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ تي مجبور ٿيا ۽ نيٺ بي ساکين جي سهاري هلندڙ حڪومت منجهان ڪلهو ڪڍي ويا. مقتدر حلقي طرفان پنهنجي عذر لاءِ لفظ ‘نيوٽرل’ تخليق ڪري عمراني حڪومت کي اطلاع ڏنو ته هاڻي اوهان ڄاڻو اوهان جا ڪم ڄاڻين، پنهنجي يارو ياري آهي.
سيم پيج جو ڊرامو گذريل سال 2021ع جي جولاءِ آگسٽ کان ئي پنهنجي ڪلائيمڪس ڏانهن وڃڻ شروع ڪيو هو. وقت گذرندي آڪٽوبر مهيني ۾ اهي اختلاف عيان ٿي ويا. سال 2021ع جي اختتام تي عمراني حڪومت کي سُڌ پئجي وئي هئي ته جنوري کان مارچ جا مهينا سندن اتحادي حڪومت لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندا. ان ڪري حڪومت بيڪ فوٽ تي هلي وئي. 2018ع ۾ عمراني حڪومت جي قائم ٿيڻ کان وٺي 2021ع جي شروعات تائين عمراني حڪومت سدائين فرنٽ فوٽ تي کيڏندي ڪڏندي رهي هئي. هي پهريون موقعو هو جو بجاءِ فرنٽ فوٽ جي حڪومت بيڪ فوٽ تي اچي وئي هئي ۽ ان جا ڪيترائي ڪارڻ آهن. هڪ پاسي حڪومت جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي هئي، معاشي طور پاڪستان ڪنگال ٿي رهيو هو ڊالر ۽ پيٽرول جا اگهه ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا هئا. مهانگائي عروج تي هئي. پنجاب ۾ ٿيل چوڏهن ضمني اليڪشن منجهان تيرهن سيٽن تي ناڪامي پي ٽي آ جو مقدر بڻي هئي. حڪومت جا اتحادي حڪومتي رويي مان ناخوش هئا. اپوزيشن جي قيادت ضمانتن تي جيلن مان آزاد ٿي حڪومت جي ڪارڪردگي جو اڇو چٺو ميڊيا وسيلي عوام کي ڏيکاري رهي هئي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته مقتدر حلقو پنهنجي حمايت واپس وٺي چڪو هو. مقتدر حلقي پاران نيوٽرل ٿيڻ بعد اپريل جو مهينو عمراني حڪومت لاءِ اپريل فول ثابت ٿيو ۽ عمراني حڪومت جو تختو اونڌو ٿي ويو.
حڪومت مان تڙي ڪڍيل عمران خان روايتي عمران خان جو روپ ورتو ۽ حسب توقع احسان فراموشي جي انتها ڪري ڇڏي. مقتدر حلقي طرفان ڪيل خدمتن عيوض انهن کي مير جعفر ۽ مير صادق جهڙن توهين آميز لقبن سان نوازيو. هر جلسي ۾’نيوٽرلز’ کي چورن جا ساٿاري پاڪستان جي غدارن جهڙا لقب عنايت ڪري ٿو. پنهنجي سياسي اڪيلائپ ۽ وائڙائپ سبب جلسن ۾ اعليٰ سرڪاري آفيسرن ججن ۽ نيوٽرلز’ کي ڌمڪائي ٿو ۽ ٻئي طرف پنهنجي سوشل ميڊيا ونگ ذريعي انهن خلاف ‘سائبر ٽوئٽر ٽيررزم’ واري جنگ ڇيڙي رکي آهي. پي ڊي ايم جي نئين حڪومت جي قيام وقت انڪشاف ٿيا هئا ته پي ٽي آءِ پنهنجي سوشل ميڊيا ٽيم تي هر مهيني چاليهه ڪروڙ خرچ ڪري ٿي. سندن خيبرپختون خواه جي صوبائي حڪومت پنجويهه هزار نوجوان انٽرنشپ تي ڀرتي ڪري انهن کي اهو ٽاسڪ ڏنو آهي ته ڪپتان جي ‘بيانيي’ کي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائين پر کين ڪنهن به قسم جو نظم ضبط نه ڏنو ويو آهي جنهن سبب اهي سوشل ميڊيائي ٽائيگر مقتدر حلقي تي سياسي حملا ۽ توهين آميز جملا ڪسين ٿا.
پي ٽي آءِ طرفان گذريل ڇهن مهينن کان مقتدر حلقي جي هاءِ ڪمان، اعليٰ عدليه ۽ اليڪشن ڪميشن خلاف هر ڪنهن جي مهم جوئي ڪئي آهي. انتهائي توهين آميز ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ کان ويندي ميڊيا ٽاڪس ۾ ادارن خلاف زهر اوڳاڇيو آهي پر تنهن باوجود به اعليٰ عدليه ڪو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ نه وري مقتدر حلقي طرفان ان جو ڪو ري ايڪشن آيو آهي، اهو معنى خيز خاموشي پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو ۽ اهم سوال آهي ته ڇا نيوٽرلز واقعي ‘نيوٽرلز’ آهن؟ يا روايتي طريقي کان هٽي هڪ ڀيرو وري عمران خان جي لانچنگ ٿي رهي آهي؟؟
حڪومت طرفان عمران خان توڙي پي ٽي آ تي ڪيل هر سختي ۽ هر ڪيس کي اعلى عدليه فقط مقبوليت جي بنياد تي ختم ڪري رهي آهي يا ته خان صاحب جي غيرموجودگي ۾ ضمانت جي صورت ۾ منظور ڪري رهي آهي. مقتدر حلقن خلاف ڏينهن رات زهر اوڳاڇڻ، هر غير آئيني ۽ غير قانوني ڪم ڪرڻ کان پو به هي عدالتي سهولتڪاري سياستدان عوام ۽ ميڊيا جي سمجهه کان مٿي آهي. اهي فقط ‘نيوٽرلز’ کان سوال ڪن ٿا ته واقعي نيوٽرل آهيو؟ يا هن ڀيري عدالت وسيلي عمران خان کي هيلي پيڊ تان ٽيڪ آف ڪرايو ويندو!؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button