
ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪرڪيٽر آڪاش چوپڙا دعوا ڪئي آهي تھ مان چوان ٿو ۽ اها ڳالهه لکي رکي ڇڏيو تھ ايندڙ سال پاڪستان جي ٽيم ورلڊ ڪپ کيڏڻ ڀارت ۾ ايندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ ايشيا ڪپ ميگا ايونٽ جي ڀيٽ ۾ ننڍڙو ايونٽ آهي ۽ ان ۾ نھ اچڻ جو مطلب وڏي رقم ڇڏڻ آهي، جيڪڏهن ايشين ڪرڪيٽ جي سربراهه جئي شاهه چيو آهي تھ ڀارتي ٽيم پاڪستان نھ ويندي تھ اهو سچ آهي.