
افغانستان جي زخمي ٿيل اوپنر رحمان الله گرباز صحتمند قرار ڏنو ويو آهي ۽ امڪان آهي تھ هو انگلينڊ خلاف وارم اپ ميچ کيڏندو. ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ افغان ڪرڪيٽ بورڊ چيو آهي تھ شاهين آفريدي جي يارڪر تي زخمي ٿيل رحمان الله گرباز کي ڊاڪٽرن صحتمنڊ قرار ڏنو آهي، کيس فريڪچر بھ ناهي.