
ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ڪواليفائنگ رائونڊ جي اهم ميچ ۾ گڏيل عرب امارتن جي ڪرڪيٽ ٽيم نميبيا کي 7 رنسن تان شڪست ڏئي سپر 12 مرحلي ۾ پهچڻ جو رستو في الحال روڪي ورتو آهي. ميڊيا مطابق گڏيل عرب امارتن جي ٽيم 3 وڪيٽن تي 148 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ محمد وسيم 50، سي پي رضوان 43، باسل حميد 25 ۽ ورتيا ارونڊ 21 رنسون ٺاهيون آهن. جڏهن تھ نميبيا 8 وڪيٽن تي 141 رنسون ٺاهي شڪست کاڌي آهي، جنهن ۾ ڊيوڊ ويسي 55، ربن ٽرمپلمين 25 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ يو اي اي جي محمد وسيم کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.