ننڍي کنڊ جو ورهاڱو انهن ماڻهن لا هڪ ڊيڄاريندڙ خواب رهيو آهي جيڪي ان مرحلي مان گذريا آهن. ڀارتي صحافي ڪلديپ نير چواڻي ته ايستائين ته جناح جڏهن جهاز مان واگها جي سرحد تي ٻنهي پاسن کان ماڻهن جي لڏپلاڻ کي ڏٺو ته کيس هڪ پڇتا جو احساس ٿيو ته اهو ڇا ٿي ويو هو. ساڳي ريت جواهر لعل نهرو جڏهن پنجاب ۾ ماڻهن جي لڏپلاڻ، قتل عام ۽ فسادن جون خبرون ٻڌيون ته کيس اهو محسوس ٿيو ته کانئس اهو ڪهڙو ڪم ٿي ويو هو.
لڏي ويل ماڻهو پنهنجن ٻارن کي ان سڀڪجھه کان پري رکندا هئا، جيڪي ساڻن ٿي گذريو هو ۽ کين ڪنهن ڳالهه جي خبر ٿيڻ نه ڏيندا هئا. اشي نندي ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته اهڙن المين ۽ گھٽنائن تي غيرجذباتي طور غور ڪرڻ ۽ ان جي ڪارڻن جو جائزو وٺڻ لا ٻن نسلن جو وقت گھرجي، جيئن يورپ ۾ هولوڪاسٽ جي شڪار يهودين سان ٿيو آهي.
ساڳي ريت ورهاڱي جي حوالي سان سنڌي هندن جي ڪيس کي گھڻي اهميت نه ڏني وئي آهي. ڀارت ۾ ان موضوع تي جيتوڻيڪ مختلف ڊراما جهڙوڪ تمس ۽ فلمون وغيره ٺاهڻ وارا سنڌي آهن پر انهن ڊرامن ۽ فلمن جو موضوع پنجاب رهيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ان پئماني تي فساد ۽ قتل عام نه ٿيو جيئن پنجاب ۾ ٿيو پر بهرحال اهو هڪ انساني الميو آهي. هن وقت سنڌي هندن جو ٽيون نسل هڪ ته پنهنجي سڃاڻپ جي ڳولها ۽ ٻيو جيڪو ڪجهھ ٿيو، ان جي ڪارڻن کي ڏسڻ لا جاکوڙ شروع ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ننديتا ڀاوناني جو ڪتاب The Making of Exile- Sindhi Hindus and Partition of India هڪ سٺي ڪوشش آهي.
ڪتاب ۾ تاريخي لحاظ کان سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي ناتن کي سسي پنهون جي قصي کان هندن جي سنڌ مان لڏڻ ۽ ڀارت ۾ پناهه حاصل ڪرڻ تائين کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي.
سنڌ تي انگريزن جي اچڻ کان اڳ اٽڪل يارنهن سو سال مسلمانن جي حڪمراني رهي آهي. سنڌي هندو هڪ ٿورائي جي حيثيت ۾ رهيا آهن. ان سڄي عرصي ۾ هندن ۽ سنڌي مسلمانن جي ناتن ۾ ڇڪتاڻ شروع کان ئي رهندي آئي آهي. خاص ڳالهه اها هئي ته مسلمانن کي حاڪم هئڻ ڪري مٿڀرائپ حاصل هئي. هندن کي درٻار تائين ته رسائي حاصل هئي پر نه ته کين زمين خريد ڪرڻ ۽ نه ئي گھوڙي سواري ڪرڻ جي اجازت هئي. پر انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپو اها صورتحال يڪسر بدلجي وئي. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو. ليکڪا جو چوڻ آهي ته جتي انگريز جي اچڻ کان اڳ هندن وٽ هڪ جريب زرعي زمين به نه هئي، اتي انگريز حڪومت پاران هندن کي زرعي زمين جي خريداري جي اجازت ڏيڻ کانپو سنڌ جي چاليهه سيڪڙو زرعي زمين هندن جي ملڪيت هئي جڏهن ته ٽيهه سيڪڙو وٽن گروي رکيل هئي. اهڙي ريت حقيقي طور مسلمانن وٽ ڪل زمين جو ٽيهه سيڪڙو مس هو.
انگريزن جو ٻيو اهم قدم جديد انگريزي تعليم کي رائج ڪرڻ ۽ ان لا مختلف ادارا قائم ڪرڻ هو. اهي ادارا گھڻو ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن وڏن شهرن ۾ قائم ڪيا ويا. جيئن ته انهن شهرن ۾ هندن جي گھڻائي هئي، ان ڪري انهن سهولتن مان انهن ئي وڌيڪ فائدو حاصل ڪيو ۽ اڳتي هلي انهن کي ئي گھڻيون سرڪاري نوڪريون مليون. جڏهن ته ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ جتي مسلمانن جي گھڻائي هئي، اتي جديد تعليم تي گھڻو ڌيان نه ڏنو ويو ۽ اهي گھڻي ڀاڱي مدرسن ۾ ئي تعليم حاصل ڪندا رهيا جنهن جو سرڪاري نوڪرين وغيره جي حوالي سان ڪو ڪارج نه هو.
اهڙي ريت خاص طور شهرن ۾ رهندڙ هندو وچولو طبقو مسلمانن کي گھٽ ڪري سمجھندو هو. اهي مسلمانن کي چوندا ئي ڄٽ هئا. حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي ۽ ٻين علائقن جتي شام جو هندو ناريون سير سپاٽي لا نڪرنديون هيون اتي مسلمانن جي داخلا منع هوندي هئي. ساڳي ريت ليکڪا سکر جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿي ته اتي هندو وڌوائن لا هڪ مرڪز قائم ڪيو ويو هو. ان کي وڌوا گھٽي چيو ويندو هو ۽ اتي مسلمانن جي داخلا منع هوندي هئي.
ساڳي ريت سياسي لحاظ کان به هندو ۽ مسلمان هڪٻئي کان ڌار ئي رهيا. سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي هڪ اهم ڳالهه هئي. شروع ۾ هندن پاران ان جي حمايت ڪئي وئي. پر جيئن ته اهي سنڌ ۾ هڪ مذهبي ٿورائي هئا ۽ بمبئي سان گڏ هئڻ ڪري کين مٿڀرائپ حاصل هئي، ان ڪري انهن پو ان جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي.
منزل گاهه واري واقعي، جنهن ۾ اتر سنڌ جي گھڻن شهرن ۾ ٿيل فسادن ۾ ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيا هئا، هڪ لحاظ کان ڄڻ ته هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ سياسي لحاظ کان هڪ واضح ليڪ ڪڍي ڇڏي هئي. ساڳي ريت ڀڳت ڪنور رام جو قتل ان حوالي سان هڪ ٻيو وڏو سانحو هو. اهڙي ريت هڪ بي يقيني جو احساس هو. هندن کي اها پڪ نه هئي ته جيڪڏهين ورهاڱو ٿئي ٿو ته پو مسلمانن سان گڏ رهڻ ممڪن هوندو يا نه. ان خيال سان گھڻن بمبئي ۾ پنهنجي لا گھر وغيره جا بندوبست ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا.
ورهاڱي وقت جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ان پئماني تي فساد نه ٿيا جيئن پنجاب، بنگال ۽ دهلي وغيره ۾ ٿيا هئا. پر ليکڪا مطابق هتي سنڌي مسلمانن جو هندن ڏانهن ٻن قسمن جو رويو هو. هڪڙن ته انهن سان ميٺ محبت جو ورتا ٿي ڪيو، کين پنهنجن گھرن ۾ پناهه ٿي ڏني ۽ اهو نه ٿي چاهيو ته اهي هتان لڏين. جڏهن ته ٻين اهو چاهيو ٿي ته اهي هتان لڏين ته جيئن سندن مال ملڪيت ۽ زمينون وغيره کين ملن. هندو زميندارن جي ٻنين تي ڪم ڪندڙ ڪجھه هارين پنهنجي ڳوٺ جي وڏيرن جي چوڻ تي هندو زميندارن کي پوک جو حصو ڏيڻ ۽ سندن ٻنين تي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. لاڙڪاڻي ۽ اتر سنڌ جي ٻين ڪجهھ شهرن ۾ مذهبي جھيڙا پڻ شروع ٿيا هئا.
پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ ئي ڪراچي ۾ پناهگيرن جو اچڻ شروع ٿي ويو هو. 1946ع ۾ بهار ۾ هندو مسلم فسادن جي ڪري بهار جي مسلمانن جو هڪ وڏو انگ ڪراچي لڏي آيو. شروع ۾ حڪومت پاران انهن کي بندر روڊ ايڪسٽينشن، جتي شاهوڪار طبقي جي هندن جي آبادي هئي، جي ويجھوآباد ڪرڻ جي رٿا هئي پر هندن جي اثررسوخ جي ڪري انهن کي لياري نئين جي ويجھو آباد ڪيو ويو، جيڪو علائقو هن وقت بهار ڪالوني جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ ته هو پر هاڻي نئين ملڪ پاڪستان جي گادي جو هنڌ پڻ ٿي ويو. اهڙي ريت ڪراچي جنهن جي نالي جي ئي دنيا جي گھڻن ماڻهن کي خبر نه هئي دنيا جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو.
اهڙي ريت اهي مسلمان سرڪاري ملازم ۽ سندن ٻار ڪراچي پهتا جن پاڪستان جي چونڊ ڪئي هئي. ان کانسوا ٻن قسمن جي ماڻهن ڪراچي ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي. هڪ ته اهي ماڻهو جيڪي واقعي فسادن ڪري متاثر ٿيا هئا، جڏهن ته ٻين لا نئين ملڪ ۾ نون موقعن ۽ فائدن ملڻ جي ڇڪ هئي. ٿوري ئي عرصي ۾ سڄي شهر جو نقشو ۽ آبادي جي بيهڪ ئي بنيادي طور تبديل ٿي وئي هئي. ڪراچي جيڪو هڪ هندو گھڻائي وارو شهر هوندو هو، اهو پنهنجي آبادي ۾ ٻيڻي ٽيڻي واڌاري سان هاڻي مسلم گھڻائي جو شهر ٿي ويو هو.
گھڻن هندن ان ڳالهه کي محسوس ڪري ورتو هو ته ورهاڱو اڻٽر آهي ۽ سنڌ مسلم گھڻائي هئڻ ڪري پاڪستان جو ئي حصو ٿيندو. ساڳي وقت سنڌ جي هندن پاران ڪانگريس کي اها رٿ پيش ڪئي وئي هئي ته بنگال ۽ پنجاب جيان سنڌ جي به مذهبي بنيادن تي ورهاست ڪئي وڃي ۽ ٿر ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن کي ڀارت ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن اهي اتي سک شانتي سان رهي سگھن ۽ پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي ترقي ۽ ترويج لا ڪم ڪن. پر ڪانگريس جي اڳواڻن جي اهڙي ڪنهن تجويز ۾ ڪا دلچسپي نه هئي. ان ڪري انهن سنڌ ۾ پنهنجيون زمينون ۽ گھر وغيره کپائي ڀارت جي مختلف شهرن ۽ خاص طور بمبئي منتقل ٿيڻ شروع ڪيو هو. پر اڃا هڪ ٻڏتر واري ڪيفيت هئي ۽ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ شروع نه ٿي هئي. وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ۽ ان جي ڪارڻن تي ايندڙ مضمون ۾ روشني وڌي ويندي.