ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻن هيرن جي ڪهاڻي

Editorial-Article- Ishaq Mangrio

آءِ ايم ايف جي قرضن تي هلندڙ ملڪي معيشت جي صورتحال ان نهج تي پهتي آهي، جو ورتل قرض جي قسطن جي ادائگي لاءِ به وڌيڪ قرض وٺڻو پئجي رهيو آهي. نتيجي ۾ مهانگائي ايڏي ته تيزي سان وڌڻ لڳي آهي، جو ايڏي تيزي سان بانس جو وڻ به نٿو وڌي. ڪووڊ-19 ۽ ٻين سببن جي ڪري وڌندڙ بيروزوگاري ماڻهن جي چيلهه اڳ ۾ ئي چٻي ڪري ڇڏي هئي. مٿان وري کائڻ وارين شين جي وڌندڙ اگهه ماڻهن کي وڌيڪ بي حال ڪري وڌو آهي. ان ڪري ملڪي سياست جي ايندڙ ايجنڊا ۾ مهانگائي خلاف گهڻو بحث هلندڙ هوندو.
هي پهريون ڀيرو آهي جو ملڪ جي سڀني پارٽين پنهنجي پنهنجي پليٽ فارم تان مهانگائي خلاف روڊن تي اچي ڀرپور احتجاج ڪيو آهي ۽ نج عوامي مسئلن تي ايڏي وڏي پيماني تي احتجاج ٿيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي، پر پ پ به مهانگائي خلاف وفاقي حڪومت پاران بجلي، پيٽرول، گئس، کنڊ، داليون، گيهه ۽ دوائن جو اگهه وڌڻ خلاف ڀرپور انداز وارو احتجاج ڪيو آهي. پ پ جي ليڊرشپ ڪرپشن جي ڪيسن ۾ وڪوڙيل هجڻ جي باوجود احتجاج ۾ ليڊرشپ خلاف ڪيسن جو ذڪر ڪرڻ بدران نج عوامي مسئلي تي احتجاج ڪيو آهي. ان سان پ پ کي سياسي طور تي عوامي سطح تي فائدو ٿيندو. پ پ هونءَ به عوامي پارٽي آهي، جيڪا ملڪ جي ٻين حڪمران جماعتن جي ڀيٽ ۾ عوام جي اهنجن کان گهڻو واقف آهي ۽ اونو به رکي ٿي. هيءَ ملڪ جي پهرين پارٽي آهي، جنهن پارٽيءَ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي منشور ۾ سڌو سنئون اٽي، لٽي ۽ اجهي جو ذڪر ڪيو هو. مهانگائي جي معاملي ۾ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌڻ سان عوام سڌو سنئون مهانگائي جي زد ۾ آيو آهي. جنهن ۾ خاص طور تي مهانگي اگهه ۾ وڪامندڙ اٽي ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري وڌي آهي. مون کي حيرت آهي ته پ پ جي مهانگائي خلاف احتجاجي جلوسن ۾ اٽي جي وڌندڙ اگهه جو وري ذڪر ئي نه ڪيو ويو آهي. جيڪو سنڌ ۾ 75 رپيا في ڪلو وڪامي رهيو آهي.
حڪمرانن مهانگائي جي وڌڻ جو سبب عالمي سطح تي اگهن جو وڌڻ قرار ڏنو آهي. ان کانسواءِ ملڪ ۾ ڊالر جو اگهه وڌي وڃڻ جي ڪري ڊالر ذريعي ٻاهرين ملڪن مان خريد ٿيندڙ شين جو اگهه وڌڻ سڏيو آهي. جن ۾ اسان جو زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود داليون، کاڄرو تيل ۽ کنڊ به ٻاهران گهرائي وڃي پئي. ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ جي زرعي شعبي ۾ ڪڻڪ جي پوکي جي صورتحال ڇا آهي. سنڌ ۾ ڪڻڪ جو فصل پنهنجي مقرر ڪيل هدف 12 لک هيڪٽرز کان به وڌيڪ 12 لک ٻه هزار هيڪٽرز تي ڪڻڪ جو فصل پوکيو ويو. جنهن جي پيداوار جو مقرر هدف 40 لک ميٽرڪ ٽن کان به وڌيڪ 40 لک 43 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي پيداوار ٿي آهي. پوءِ به الائجي ڇو سڄي ملڪ جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ڪڻڪ جو اٽو وڌيڪ مهانگي اگهه ۾ وڪامي رهيو آهي. جيڪو ريزڪي مارڪيٽ ۾ اٽو پنجهتر روپيا ڪلو جي اگهه ۾ وڪامي پيو. حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته سنڌ جي پوئين ڪابينا جي اجلاس ۾ به اٽو مهانگو وڪامڻ بحث ۾ نه آندو ويو آهي. سنڌ جي ڪابينا جي اهڙي ورتا تي ڪامريڊ ڄام ساقي جي ذڪر ۾ ايندڙ فرانس جي ان راڻيءَ جو قصو دلچسپ آهي. جنهن کي سندس اهلڪارن ٻڌايو ته مارڪيٽ ۾ ماني جو اگهه مهانگو ٿي ويو آهي، عوام پريشان آهي. جنهن جي جواب ۾ راڻيءَ چيو ڪا ڳالهه ناهي، ماني مهانگي ٿي ته ماڻهو پاڻهي ڊبل روٽي کائيندا. ساڳي صورتحال سنڌ جي حڪمرانن جي آهي. جن کي ايڏي وڏي اگهه ۾ وڪامندڙ اٽو بحث ۾ اچي نه سگهيو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته ڪڻڪ جو فصل به ڀلو ٿيو ته پوءِ ڍلو آخر ڇا ٿيو. جو سنڌ جو ماڻهو اٽي لپ لاءِ ايڏو پريشان ٿيو آهي. ان جو معاشي طور ۽ سياسي طور تي حساب ڪتاب رکڻ ضروري آهي. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته سنڌ حڪومت پاران هڪ به ٽرانسپورٽ روڊن تي نه هلڻ جي باوجود ٽرانسپورٽ جي نه رڳو وزارت موجود آهي پر هڪ عدد ٽرانسپورٽ جو صوبائي وزير به آهي. اهڙي ريت انهيءَ سنڌ حڪومت وٽ خوراڪ کاتي جي وزارت به آهي. جيڪا نه آبادگارن کان امدادي اگهه ۾ ڪڻڪ جي خريداري ڪري ٿي ۽ نه وري عوام کي اٽو فراهم ڪري ٿي. پوءِ به اهو کاتو، ملازمن جي وڏي لوڌ رکي ٿو ۽ وڏي بجيٽ خرچ ڪري ٿو. جيتوڻيڪ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن به موجود آهي. پر عوام جي نج مسئلي تي ڳالهائڻ بدران اٽاڙ پٽاڙ ڳالهيون ضرور ٿيندي ٻڌبيون رهيون آهن.
ڏٺو وڃي ته سنڌ جو خوراڪ وارو کاتو ڪڻڪ جي خريداري جي مد ۾ اٽڪل ست ارب رپيا بينڪن کان قرض به ورتل آهي. پر نه سنڌ جي آبادگارن کي ڪڻڪ جو مقرر وقت تي باردانو ڏنو ويو ۽ نه وري آبادگارن کان مقرر امدادي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪئي وئي. جيتوڻيڪ هن وقت رڪارڊ موجب ميرپورخاص مان جنرل سيٽ تي چونڊيل ايم پي اي اقليتي پ پ اڳواڻ سيٺ هري رام ڪشوري لال آهي. پر خبر ناهي ڇو خوراڪ واري کاتي جو قائم مقام انچارج وزير مڪيش ڪمار چاولا آهي. جڏهن ته ان کان اڳ پ پ سنڌ جو صوبائي صدر نثار کهڙو به انهيءَ کاتي جو وزير رهيو آهي. ان ڳالهه تي رڳو افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ جي ايڏي سينيئر سياستدان نثار کهڙي جي ايامڪاريءَ دوران خوراڪ کاتي ۾ گهڻيون گهوٻيون ٿيون ۽ اينٽي ڪرپشن ۽ نيب جا ڪيس درج ٿيا. کاتي جي عملدارن تي اربين رپين جي گهوٻي وارا ڪيس هلندڙ آهن. جن ۾ خوراڪ کاتي عملدارن سان گڏوگڏ نثار کهڙو پاڻ به ضمانت تي آهي.
سنڌ ۾ اٽي بابت هڪ تاريخي قصو:
سنڌ جي آڳاٽي تاريخ ۾ ٻن هيرن جي ڪهاڻي گهڻي مشهور آهي. ان وقت سنڌ تي ڪلهوڙا حڪمرانن جو راڄ هو. اڃان ڪلهوڙن سنڌ کي يڪجا ئي مس ڪيو هو، جيڪا اڳ ۾ ارغون ۽ ترخانن جي الڳ الڳ حڪمرانين ۾ ورهايل هئي. ان وقت وڏي عرصي کان پوءِ سنڌ کي مقامي حڪمراني ملي هئي ته مٿان 1740ع ۾نادر شاه اچي سنڌ تي ڪڙڪيو. نادر شاه دهشت جو ٻيو نالو هو. چون ٿا ته سندس پٽ ناصر جي شادي جي موقعي تي نادر شاه کي رسم موجب ستن پيڙهين جا نالا ٻڌائڻا هئا. ماڻهن سمجهيو ته نادر شاه پنهنجن ابن ڏاڏن جا نالا وٺڻ ۾ پريشان ٿي ويندو، جو سندن ابن ڏاڏن جي ڪا ايڏي وڏي حيثيت نه هئي. پر نادر شاه ترتيبوار نالا وٺندو ويو. ناصر ابن نادر، ابن شمشير، ابن شمشير، ابن شمشير، ابن شمشير. ابن شمشير، ابن شمشير. انهيءَ نادر ابن شمشير دهلي ۽ قنڌار جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي پويان پنهنجو قنڌار مان آندل لشڪر سان ڪاهي پيڇو ڪندي وڃي عمر ڪوٽ ۾ پهتو هو. هڪ ڪروڙ روڪڙو ۽ هر سال ويهه لک ڏن ڏيڻ ۽ هر سال سٺي چال چلت هلڻ جي عيوض ۾ ٽي ڪلهوڙا شهزادا ۽ 12000 هزار سنڌ جي فوج جا سپاهي به پاڻ سان وٺي ويو هو. ان کان اڳ ۾ فوج جو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ سورهن ڏينهن نادر شاه ٺٽي ۾ ترسي پيو. نادر شاه عمر ڪوٽ ۾ پهچي، يار محمد ڪلهوڙي کان ڏنڊ ۽ ڏن لاڳو ڪيو ۽ سنڌ بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون پڇيون. انهيءَ سفارتڪاريءَ وارين ڳالهين ۾ نادر شاه ڪلهوڙي حاڪم کي چيو ته مون ٻڌو آهي ته ڪلهوڙن وٽ ٻه قيمتي هيرا آهن. ڪلهوڙي حاڪم انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪئي ۽ ڪڻڪ جي اٽي جي ڳوڻ ۽ گيهه جو دٻو پيش ڪندي چيائين، اهي اسان جا ٻه هيرا آهن. جيڪڏهن اهي ڪنهن وٽ آهن، ته کيس ٻئي ڪنهن به شيءِ جي ضرورت نه رهندي. پر جيڪڏهن ڪنهن وٽ اهي ٻئي شيون نه آهن ته ان کي ٻئي ڪابه شيءِ حاصل نه ٿيندي.”
ته پوءِ اهو سڀ ڇا ٿيو آهي، ڇا سنڌ جي نهري زمين ۾ ڪڻڪ جو فصل ڄمڻ بند ٿي ويو آهي؟ جي ائين نه آهي ته پوءِ هي ڇا ٿيو آهي، جو سڄي ملڪ کان وڌيڪ مهانگو اٽو سنڌ ۾ 75 روپين ۾ ملي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button