ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عبدالڪريم چنا

Editorial-Article-Kareem Channa

سال 2018ع ۾ جنسي الزامن سوئيڊن اڪيڊمي کي لوڏي ڇڏيو هو ۽ نتيجي ۾ ان سال ادب جو نوبل انعام معطل ڪيو ويو هو. سال 2019ع ۾ اڪيڊمي ڌڪ پچائيندي ادب جو نوبل انعام آسٽريا جي پيٽر هينڊڪي Peter Handke کي ڏنو پر ان انعام سبب اڪيڊميءَ کي سخت تنقيد سان منهن ڏيڻو پيو ڇاڪاڻ ته پيٽر هينڊڪي سربيا جي جنگ ۾ خونريزيءَ ۾ ملوث رهيو هو. سال 2020 ۾ شاعره لوئس گلاڪ Louise Glück ۽ سال 2021 ۾ عبدالرزاق گرناھه کي انعام ملڻ وسيلي سالن کان ڇڪتاڻ ۽ اسڪينڊلن جي ور چڙهيل اڪيڊميءَ جي عزت بحال ٿيڻ ۾ مدد ملي.
هن سال فرانس جي 82 سالن جي ايني ارنو Annie Ernaux ادب جو نوبل انعام کٽي چڪي آهي. سوئيڊن جي ادبي اڪيڊمي “ان دليراڻي ۽ غيرجذباتي بصيرت لاءِ، جنهن سان هوءَ نجي يادگيريءَ جي بنيادن، بي تعلقين ۽ اجتماعي رنڊڪن/مزاحمتن کي ظاهر ڪري ٿي” جي اعلان سان ايني ارنو کي ادب جو نوبل انعام ڏنو. هن سال انعام جي ڊوڙ ۾ ڀارت ڄائو سلمان رشدي، ڪينيا جو گگي وا ٿياگو، جاپان جو هاروڪي موراڪامي، ناروي جو Jon Fosse ۽ اينٽئيگا ڄائو جمائيڪا جو Kincaid به اڳيان اڳيان هئا. اهو ياد رهي ته ادب جو نوبل انعام ڏھه ملين سوئيڊش ڪرونا (840,000 پائونڊ، 900,000 ڊالر) جي ماليت رکندڙ آهي. هي انعام هر سال اهڙي ليکڪ کي ملي ٿو جنهن لاءِ الفرڊ نوبل جي وصيت موجب “اهڙو شخص جنهن ادب جي شعبي ۾ ڪنهن مثالي رخ ۾ انتهائي شاندار ڪم پيش ڪيو هجي.”

نوبل ڪاميٽيءَ جي چيئرمين Professor Carl-Henrik Heldin چيو ته “82 سالا ايني جو ڪم تعريفي ۽ پائيدار آهي. هن اڌورين آتم ڪٿائي ڪهاڻين کي بيان ڪرڻ لاءِ همٿ ۽ غيرجذباتي بصيرت استعمال ڪئي آهي. سندس ڪهاڻيون سماجي تجربن جي اختلافن کي ظاهر ڪن ٿيون ۽ شرم، ذلت، ساڙ بيان ڪن ٿيون.”

نوبل ادبي ڪاميٽيءَ جي چيئرمين اينڊرس اولسن Anders Olsson موجب “ايني ارنو پنهنجي لکڻين ۾ مسلسل ۽ مختلف رخن کان صنف، ٻولي ۽ سماجي طبقات جي اختلافن جي علامتن سان زندگيءَ جو تجزيو ڪندي رهي آهي. سندس لکڻ جو دڳ ڏاڍو ڊگهو ۽ اڻائو آهي.”
ان موقعي تي ارنو سوئيڊن جي چئنل SVT کي بيان ڏيندي چيو ته “مان ڏاڍي حيران هيس… مون ڪڏهن به نه سوچيو هو ته هڪ ليکڪا طور اهو انعام منهنجي کاتي ۾ ايندو. اها هڪ وڏي ذميداري آهي. اها لازمي طور منهنجين لکڻين جي حساب سان ساک ڏيندڙ نه پر دنيا جي حساب سان درستگي ۽ انصاف جي ساک ڏيندڙ آهي.”

ايني ارنو 1940 ۾ نارمنڊيءَ جي ننڍڙي شهر Lillebonne ۾ پيدا ٿي. ڪجهھ سال بعد سندس والدين يويٽو Yvetot ڏانهن لڏي ويا جٿي انهن ڪرياني ۽ ڪيفي جو دوڪان کوليو. سندس ماءُ تعليم وسيلي بدلاءَ واري قوت تي اعتبار پئي رکيو ۽ ان ريت هنن ارنو کي امير ٻارن جي هڪ اسڪول ۾ داخل ڪرايو. اهو هتي ئي ٿيو جو ننڍڙي ارنو پنهنجي مزدور طبقي سان تعلق رکڻ سبب پهريون ڀيرو شرم جو تجربو ماڻيو. هنRouen University مان تعليم پرائي ۽ بعد ۾ سيڪنڊري اسڪول ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين. هوءَ 1977 کان 2000 تائينCentre National d’Enseignement par Correspondance ۾ پروفيسر رهي. هن گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريءَ، اسڪول ۾ استادياڻي ۽ پروفيسر طور ڪم ڪيو. هن سال 2000 ۾ رٽائرمينٽ وٺي پاڻ کي مڪمل طور لکڻ سان وقف ڪري ڇڏيو آهي.
مزدور طبقي مان هجڻ سبب طبقاتي سماج ۾ شرم ۽ ذلت محسوس ڪرڻ وارا احساس سندس ناولن جا موضوع بڻيا. سندس لکڻين جا اهم موضوع “جسم، صنف، گهرا تعلق، سماجي اڻ برابري ۽ تعليم وسيلي طبقات کي تبديل ڪرڻ وارو تجربو، وقت ۽ يادگيري، ۽ زندگيءَ جي انهن تجربن کي ڪينءَ لکجي وارا سور ڏيندڙ سوال آهن.”

فرانس جي پيٽرڪ موڊيانو Patric Modiano سال 2014 ۾ ادب جو نوبل انعام کٽيو هو. جڏهن ته ايني ارنو فرانس جي پهرئين نوبل انعام کٽيندڙ عورت ليکڪا آهي. مجموعي طور تي ايني فرانس جي سورهون نمبر نوبل انعام کٽيندڙ ليکڪا بڻجي وئي آهي.
سندس يادگيرين سان هن جو ورتاءُ بيرحم/ظالماڻو پر اڻ سينگاريل آهي. هوءَ جنهن واقعي بابت لکي ٿي ته ان لمحي ڏانهن بعد ۾ ڪجهھ سوچڻ سمجهڻ کان اڳ ئي پني تي ان لمحي جي ڪچن زخمن کي هر ممڪن طور اوتي وجهي ٿي. هوءَ مکيه ڪردارن لاءِ گيت، نعرا، مانيون کائڻ (جهڙيون ڳالهيون) استعمال ڪري ٿي، جنهن لاءِ اهي اعتراض اٿن ٿا ته هوءَ افساني ۽ آتم ڪٿا جي وچ ۾ فرق کي ڌنڌلو ڪري وجهي ٿي.
سندس لکڻين ۾ اهو جائزو ورتل آهي ته عورت جي شعور ۾ شرم ڪينءَ جوڙيو وڃي ٿو، ۽ عورتون ڪينءَ ڊائري لکڻ جهڙن نجي معاملن ۾ به پاڻ پرکيندي پاڻ مٿان پابنديون مڙهن ٿيون.

سندس پهريون ڪتاب Les armoires vides هيو جيڪو 1974 ۾ فرانس ۾ ڇپيو ۽ 1990 ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو. سندس چوٿون ڪتابLa Place (جيڪو انگريزيءَ ۾ A Man’s Place جي نالي سان ترجمو ٿيو) هيو جنهن منجهان کيس ادبي سڃاڻپ ۽ مشهوري ملي. ان ڪتاب ۽ بعد ۾ 1988 ۾ ڇپيل سندس ناول A Woman’s Story ٻنهي فرانس ۾ ان دور جي ڪلاسڪ ناولن جي جاءِ والاري ورتي.
ايني سندس آتم ڪٿا The Years تي 2008 ۾ فرانس جو Prix Renaudot انعام کٽيو هو، اهو ڪتاب 2019 ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيڻ کانپوءِ انٽرنيشنل بوڪر پرائز لاءِ پڻ شارٽ لسٽ ٿيو هو. بوڪر پرائز وارن چيو ته “آتم ڪٿا کي هڪ نئين هيئت ڏني وئي آهي، هڪ ئي وقت خارجي ۽ داخلي، نجي ۽ اجتماعي.”

ارنو جو انگريزيءَ ۾ پهريون ترجمو آمريڪا ۾ ٿيو. بعد ۾ انگلينڊ ۾ سندس ڪتابن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري آندو ويو.
ايني ارنو سندس نجي تجربن جي بنياد تي سماجي طبقات، صنف ۽ جنسي عملن تي لکيل ڀٽڪائيندڙ طور سادن ناولن کان مشهور آهي. سندس ويهن کان وڌيڪ ڪتاب، جن مان اڪثر فرانس جي اسڪولن ۾ ڏهاڪن کان نصابي ڪتاب رهيا آهن، جديد فرانس جي سماجي زندگيءَ ۾ انتهائي دقيق ۽ بصيرت ڀريل جهاتيون پائن ٿا.

ايني ارنو جون لکڻيون گهڻي ڀاڱي آتم ڪٿائي آهن. هن سندس ناولThe Happening ۾ 25 سال پراڻن صدمن کي ياد ڪيو آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي يادن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿي ۽ سندس لکڻين ۾ ماضيءَ جي انهن ڏينهن کي سهيڙيو ويو آهي. ان ڪتاب تي هڪ فلم پڻ ٺهي هئي، جنهن گذريل سال Venice Film Festival ۾ انعام پڻ کٽيو هو. جڏهن آمريڪا ۾ ٻار ڪيرائڻ واري قانون ۾ تخفيف ڪئي وئي ته سندس غيرقانوني طور ٻار ڪيرائڻ واري واقعي تي لکيل سندس ڪتاب The Happening پڻ وڏي چرچا ۾ رهيو.

ايني جو پنهنجين يادگيرين سان ورتاءُ بيرحم/ظالماڻو پر اڻ سينگاريل آهي. هوءَ جنهن واقعي بابت لکي ٿي ته ان لمحي ڏانهن بعد ۾ ڪجھه سوچڻ سمجهڻ کان اڳ ئي هر ممڪن طور مڪمل طور واپس هلي وڃي ٿي ۽ پني تي ان لمحي جي ڪچن زخمن کي اوتي وجهي ٿي. هوءَ مکيه ڪردارن لاءِ گيت، نعرا، مانيون کائڻ (جهڙيون ڳالهيون) استعمال ڪري ٿي، جنهن لاءِ اهي اعتراض اٿن ٿا ته هوءَ افساني ۽ آتم ڪٿا جي وچ ۾ فرق کي ڌنڌلو ڪري وجهي ٿي. سندس لکڻين ۾ اهو جائزو ورتل آهي ته عورت جي شعور ۾ شرم ڪينءَ جوڙيو وڃي ٿو، ۽ عورتون ڪينءَ ڊائري لکڻ جهڙن نجي معاملن ۾ به پاڻ پرکيندي پاڻ مٿان پابنديون مڙهن ٿيون.

رايل هالووي يونيورسٽي آف لنڊن ۾ همعصر فرانسيسي افساني جي ماهر Dr Ruth Cruickshank موجب “جڏهن ڪا عورت ادب جو نوبل انعام کٽيندي آهي ته اها سدائين وڏي خبر هوندي آهي. 1901ع کان تيرهن مرحومين ۽ ٻن زندهه گورن فرانسيسي مردن نوبل انعام کٽيو آهي. هوءَ سندس غيرقانوني طور ٻار ڪيرائڻ، پيار جا ناڪام تجربا پوءِ اهو روس جو محبوب هجي يا کائنس 30 سال ننڍو نوجوان هجي، والدين جا موت، ڇاتين جي ڪينسر سميت زندگيءَ جي غيرمعمولي ۽ لاڳاپيل تجربن جي يادن جي ڳولا ڪري ٿي.”

آئيسن Ison موجب “ايني ارنو لکڻيءَ جي آزاد طاقت کي نمايان طور مڃي ٿي. سندس لکڻيون سمجهوتو نه ڪندڙ (ڏنگيون/ضدي) آهن ۽ سڌي ٻوليءَ ۾ سختيءَ سان کليل آهن. جڏهن هوءَ ماڻهن جي پرک ڪرڻ لاءِ وڏي همٿ ۽ غيرجذباتي بصيرت سان تجربن جي دردن، شرم، ذلت، ساڙ، بي اختياريءَ کي ظاهر ڪري ٿي ته سندس ڪم مان خبر پوي ٿي ته هن ڪجھه تعريفي ۽ لازوال لکي ورتو آهي.”
نيويارڪر 2020 ۾ سندس 20 کان مٿي ڪتابن تي لکيو ته “هوءَ فقط هڪ ئي حدف/مقصد سان وقف ٿيل آهي: سندس زندگيءَ کي ظاهر ڪرڻ.”

گارجين ۾ انڪيتا چڪرورتي لکيو ته “ايني جو ڪتاب Getting Lost سندس روسي سفارتڪار سان گهري تعلق کي بيان ڪري ٿو، اهو ڪتاب پيار ڪندڙن لاءِ هڪ علامتي نشان بڻيل آهي، هي ڪتاب انهن کي سندن مرڪز ڳولڻ لاءِ مددگار آهي جڏهن اهي ايني ارنو جيان پيار ۾ وڃائجي ويندا.” چڪرورتي وڌيڪ لکيو ته “اها خاصيت جيڪا سيڪس بابت ايني ارنو جي لکڻيءَ کي ٻين کان الڳ ڪري ٿي سا لڄ ۽ شرم کان مڪمل پاسو آهي. هن ۾ موجود خواهش موت جي صدمي، خوشي ۽ سندس ٻار ڪيرائڻ واري صدمي کانپوءِ وڌيڪ خواهش ته آڻي ٿي پر ڪڏهن به ذلت جو احساس نه ٿي آڻي.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button