ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آبادگارن جي زمين جي ڀيل ڪندڙ ٻيلو کاتو

Editorial

سنڌ ۾ ٻيلي کاتي کي ان ڪري قائم ڪيو ويو هو ته جيئن اهو سنڌ جا ٻيلا بچائي پر هن وقت تائين ان رڳو سنڌ جا بيلا تباهه ڪيا آهن. سنڌ ۾ بيلي کاتي جي هزارين ايڪڙ زمين اڄ به قبضي هيٺ آهي. بااثر ماڻهن پاران قبضي بابت عدالت پاران به فيصلو آيل آهي ته ٻيلي جي زمينن تان قبضو ڇڏايو وڃي پر هيستائين اهو قبضو نه ڇڏايو ويو آهي. جڏهن ته ٻيلي کاتي جو ڪم ٻيلن جي واڍي نه پر ٻيلن جي سنڀال ۽ ٻيلي کي وڌائڻ آهي. وڌيڪ وڻ پوکي اهڙُو ماحول تيار ڪرڻ آهي ته جيئن جهنگلي جيوت ۾ واڌ ٿي سگهي ۽ ان کان سواءِ سنڌ ۾ ماحوليات کي بهتر ڪري سگهجي. پر اسان وٽ ٻيلي کاتي جا ڪم ڏسي ائين لڳندو آهي ڄڻ عملدارن اهو طئي ڪري ورتو آهي ته اهي سنڌ جي سمورن ٻيلن کي تباهه ڪري پوءِ ساهه پٽيندا. ڪالهه به هڪ اهڙي ئي خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن موجب آبادگارن ٻيلي کاتي جي عملدارن خلاف مظاهرو ڪيو آهي.
ھالا ۾ ڪچي جي سوين آبادگارن ٻيلي کاتي جي عملدارن جي مبينا زيادتين خلاف قومي شاهراهه تي رڪاوٽون وجهي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي اسماعيل مگسي، خالد مگسي، احسان بگٽي، اسحاق مگسي، صديق کوسو ۽ ٻين آبادگارن چيو ته ھاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ سڄي سنڌ ۾ تباھي آڻي ڇڏي آهي، جنهن ڪري ڪچي جو علائقو سخت متاثر ٿيو آھي. ھنن چيو ته ڪچي واري علائقي مان پاڻي ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻيلي کاتي جا عملدار رينج فاريسٽ آفيسر مير حسن شاهه جي اڳواڻي ۾ وڏن زميندارن کان 10 هزار روپيا في ايڪڙ جي حساب سان رشوت وٺي فصل ڪاھڻ جي اجازت ڏئي رهيا آهن ۽ ننڍن آبادگارن جون زمينون ڀيلائي انهن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن. ھنن چيو ته سپريم ڪورٽ جو ڪچي وارين زمينن جي ليز ختم ٿيڻ وارو حڪم رڳو ننڍن آبادگارن تي لاڳو ڪيو ويو آهي. وڏا زميندار ان حڪم کان آجا آھن. هنن چيو ته ٻيلي کاتي جي عملدارن رشوت نه ڏيندڙ غريب مسڪين ۽ ننڍن آبادگارن لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي، جنهن سبب آبادگار خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. ھنن مطالبو ڪيو ته ڪچي واري زمينن جي ليز بحال ڪري کين قانوني طور زمينون آباد ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ راشي رينج فاريسٽ آفيسر مير حسن شاهه کي فوري طور تي بدلي ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڊي ايس پي کيبراڻي طارق خانزادو ۽ ايس ايڇ او هالا حاجي ٺارو خان ڀٽي مظاھرين سان ڳالهيون ڪري مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. آبادگار جيڪي الزام ٻيلي کاتي جي عملدارن مٿان هڻي رهيا آهن، انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه جي خبر ورتي وڃي ته ڇا جي ڪري ٻيلو کاتو آبادگارن جون زمينون ڀيلائي رهيو آهي ۽ انهن جا مقصد ڪهڙا آهن. جيڪڏهن اهي زمينون اتان جي مقامي آبادگارن جون آهن ۽ قانوني طور انهن وٽ زمينن جي مالڪي آهي ته پوءِ ٻيلي کاتي کي ڪو اختيار ناهي ته اهو انهن آبادگارن کان زمينون خالي ڪرائي ۽ انهن جي زمينن تي ائين قبضو ڪري. ٻيلي کاتي جو ڪم انهن زمينن تائين قبضو ڇڌائڻ آهي جيڪي اڳ ۾ قبضي هيٺ آهن يا جن تي انهن ماڻهن قبضو ڪيو آهي، جيڪي ٻيلي کاتي جي عملدارن سان ٻٽ بڻيل آهن. پر هتي گهڻُو ڪري ائين ٿيندو آهي جو ٻيلي کاتي کي اهي مسڪين ماڻهو نظر ايندا آهن، جن جي ڪنهن بااثر تائين رسائي نه هوندي آهي. انهن آبادگارن جو احتجاج اجايو ناهي.
اسين سمجهون ٿا ته هن معاملي جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي ته جيئن ٻيلي کاتي جي عملدارن خلاف ڪارروائي ٿي سگهي. ان کان سواءِ جتي به آبادگارن وٽ زمين جي مالڪي آهي، انهن کان اها زمين خالي نه ڪرائي وڃي ۽ ٻيلو کاتو پنهنجا فرض ايمانداريءَ سان نڀائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button