
ڀارت کي ميچ کٽرائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ ڀارتي بيٽرن ويرات ڪوهلي ۽ هاردڪ پانڊيا پاڪستاني بالنگ انتهائي شاندار هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ميڊيا کي جاري ڪيل وڊيو ۾ ويرات ڪوهلي ٻڌايو تھ محمد نواز کان آخري اوور ڪرائڻ جي خبر پئجي وئي هئي، تنهنڪري اسان ٻنهي وڪيٽ تي بيهڻ جو رٿي ورتو هو.