ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گهوٽڪي واقعو: ڌاڙيل راڄ جو خاتمو ڪريو

Editorial

سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي ڪاررواين نه رڳو سنڌ جي امن امان کي تباهه ڪيو آهي پر عام شهرين جي زندگي به داءُ تي لڳل آهي. مختلف علائقن ۾ ڌاڙيلن نه رڳو پنهنجون ڪيٽيون قائم ڪري ڇڏيون آهن پر انهن جي ڏهڪاءُ سبب ماڻهن جي زندگيءَ جو ڪاروهنوار به متاثر ٿي رهيو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به ڌاڙيلن آڏو بيوس لڳا پيا آهن. جڏهن ته ڌاڙيلن خلاف پوليس آپريشن ڪندي آهي ته پوليس کي ئي وڌ ۾ وڌ نقصان ٿيندو آهي. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ڌاڙيل پوليس کان وڌيڪ طاقتور آهن ۽ اهي جڏهن به پوليس کي ٽوٽا چٻرائڻ چاهين چٻائي سگهن ٿا. سنڌ ۾ موجود ڌاڙيل جديد هٿيار رکندا آهن. انهن وٽ اهڙا هٿيار هوندا آهن، جيڪي پوليس وٽ به ڪونه هوندا آهن. سوال اهو آهي ته ٻيلن ۾ زندگيون گذاريندڙ ۽ شهرين کي ڦريندڙ ڌاڙيل آخر اهڙا جديد هٿيار ڪٿان آڻيندا آهن. انهن کي اهڙا هٿيار ڪير فراهم ڪري ٿو، جيڪي اهي شهرين ۽ پوليس خلاف استعمال ڪندا رهندا آهن. تازو گهوٽڪيءَ ۾ جيڪا ڪارروائي پوليس خلاف ڌاڙيلن ڪئي آهي، ان ۾ ڪيترائي پوليس آفيسر شهيد ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن. جيڪڏهن ڌاڙيل ايترا مضبوط آهن ۽ اهي پوليس اهلڪارن کي مارڻ ۾ به دير نٿا ڪن ته ان جو مطلب ڌاڙيلن کي ڪنهن ڌر جي ٽيڪ آهي، انهن کي اهي سموريون سهولتون ملي رهيون آهن، جن وسيلي اهي جتي به ڪارروائي ڪرڻ چاهين ته ڪري سگهن ٿا. ڪالهه گهوٽڪيءَ ۾ جيڪا ڪارروائي ٿي آهي، سا ڏکوئيندڙ آهي.
گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن پاران پوليس تي حملو ڪيو ويو آھي، ڊي ايس پي سميت 5 اهلڪار شهيد ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا راونتي ويجهو ڏوهارين جي حملي ۾ ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالمالڪ ڀٽو ڏوهارين هٿان شهيد ٿي ويو، ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو عبدالمالڪ ڪماگر ۽ ايس ايڇ او کينجهو دين محمد لغاري به شهادت ماڻي. 2 پوليس اهلڪار جتوئي پتافي ۽ سليم چاچڙ به فرض نڀائيندي شهيد ٿي ويا آھن، ايس ايڇ او راونتي غلام علي بروهي ، آفتاب ڀٽو ۽ ممتاز سومرو زخمي ٿي پيا، زخمين کي اوٻاوڙو اسپتال منتقل ڪيو ويو، شهيدن جا مڙهه اوٻاوڙو اسپتال پهچايا ويا. ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيي جو چوڻ آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيو، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه ٿينديون، آپريشن جاري رهندو. ڌاڙيلن ٽن آفيسرن ۽ ٻن جوانن کي شهيد ڪيو. ڇهن ڪلاڪن تائين مقابلو جاري رهيو. گھوٽڪي جي ڪچي ۾ شهيد ٿيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جا مڙهه جنازي نماز بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آھن ايس ايس پي گھوٽڪي جو چوڻ آھي تھ پوليس تي حملي ۾ ڌاڙيل راحب شر ۽ مارجي ويل ڌاڙيل سلطو شر جو ڀاءُ سومر شر وارو ٽولو ملوث آھي. آءِ جي سنڌ شام گهوٽڪي پهچندو، جنهن کان پوءِ آپريشن بابت فيصلو ڪيو ويندو. شهيدن ۾ ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالمالڪ ڀٽو، ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو عبدالمالڪ ڪمانگر شامل آھن. ايس ايڇ او کينجهو دين محمد لغاري، ٻه اهلڪار جتوئي پتافي ۽ سليم چاچڙ به شهيدن ۾ شامل آھن، سڄي سنڌ ڏکاري آھي، ڪنھن بھ صورت ۾ ڌاڙيلن کي معاف نھ ڪيو ويندو.
مٿئين واقعي مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڌاڙيل پوليس کان به نٿا مڙڻ، جيڪڏهن اهي پوليس خلاف قهري ڪارروائي ڪري سگهن ٿا ته عام ماڻهوءَ جي ڪهڙي حالت هوندي. عام ماڻهو انهن علائقن ۾ ڪيئن جيئندو هوندو ۽ ڪهڙي ريت اهو خوف جي پاڇي ۾ ساهه کڻي رهيو هوندو. ڌاڙيلن کي جيڪڏهن ڪنهن جي سهائتا نه هجي ته اهي ڪنهن به ريت ٻيلن ۾ رهي نٿا سگهن ۽ نه ئي وري شهرين کي ڀنگ عيوض اغوا ڪري سگهن ٿا. سنڌ ۾ ڀنگ عيوض اغوا ڪرڻ ۽ ماڻهو مارڻ جو سلسلو وڏي وقت کان هلندڙ آهي. جڏهن پوليس انهن خلاف ڪارروائي ڪري ٿي ته پوليس جي سينن تي گوليون وسايون وڃن ٿيون، جنهن مان اهو تاثر قائم ٿئي ٿو ته ڌاڙيل پوليس جهڙي اهم اداري کان به ڏاڍا آهن ۽ اهي مختلف علائقن ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪريو ويٺا آهن. تنهنڪري سنڌ ۾ جتي جتي به ڌاڙيل راڄ قائم آهي، ان جي پاڙ پٽڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جو امن امان بحال ڪرائڻ جي ضرورت آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي جيڪي ڌريون پالي رهيون آهن، انهن کي به وائکو ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پوليس اهلڪارن جي خون سان انصاف خاطر گهوٽڪيءَ ۾ موجود ڌاڙيلن خلاف ترت ڪارروائي ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button