رانديون

پاڪستاني ٽيم سيمي فائنل کٽڻ جو عزم کڻي سڊني پهتي

پاڪستان ۽ نيوزلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو پهريون سيمي فائنل اربع ڏينهن سڊني ۾ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ ڪاميابي جو عزم کڻي پاڪستاني اسڪواڊ بھ سڊني پهچي ويو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني ڪرڪيٽر ڪپتان بابراعظم جي اڳواڻي ۾ ايڊيليڊ مان سڊني جي ايئرپورٽ تي پهتا تھ مداح بھ گڏ ٿي ويا، جن انهن سان سيلفيون ورتيون ۽ سندن شاندار آجيان ڪئي آهي. هوڏانهن نيوزيلينڊ سان اربع تي رٿيل سيمي فائنل کيڏڻ کان اڳ اسڪواڊ سڀاڻي ميدان تي اچي ڀرپور نموني سان پريڪٽس ڪندو. جڏهن تھ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ تڪرار فيصلن سبب شهرت ماڻيندڙ ماريس ايراسمس امپائر مقرر ڪيو ويو آهي، ساڻس گڏ مائيڪل گف، ڪرس براڊ ۽ رچرڊ ڪيٽلبرا پينل ۾ شامل آهن. ٻئي پاسي قومي ٽيم جي مينٽور ميٿيو هيڊن ٽيم جي نالي پيغام ۾ چيو آهي تھ ڇوڪرا، اسين انتهائي خطرناڪ ٿي چڪا آهيون، اوهان حوصلي سان اڳتي وڌو. هن چيو تھ هن وقت دنيا جي ڪابھ ٽيم اوهان جي سامهون ٿيڻ نٿي چاهي. ڪيوي ٽيم جي بالر ٽم سائودي چيو آهي تھ پاڪستان جي ٽيم خطرناڪ آهي، اسين ان کي آسان مخالف طور نھ وٺنداسين، ڇوتھ مقابلو سخت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button