رانديون

شاهين شاهه آفريدي جي ڀارتي جهنڊي تي آٽوگراف ڏيڻ جي تصوير وائرل ٿي وئي

ايڊيليڊ: پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جي بالنگ جا مداح ڀارتي جهنڊي تي آٽوگراف وٺڻ لاءِ اسٽيڊيم پهچي ويا. شاهين شاهه آفريدي جي ڀارتي جهنڊي تي آٽوگراف ڏيڻ جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ پاڪستاني فاسٽ بالر کي ڀارتي جهنڊي تي آٽوگراف لکندي ڏسي سگهجي ٿو. ميڊيا رپورٽن موجب تصويرون قومي ٽيم جي پريڪٽس سيشن کانپوءِ جون آهن، جتي مداح شاهين کان ڀارتي جهنڊي تي آٽوگراف جو مطالبو ڪيو، جنهن تي شاهين انڪار نه ڪيو ۽ آٽوگراف ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button