رانديون

ورلڊڪپ 2022 جي ميزباني قطر کي ڏيڻ غلط فيصلو هو: فيفا جو اڳوڻو صدر

لنڊن: فٽبال جي عالمي اداري فيفا جي اڳوڻي صدر سيپ بلاٽر جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ 2022 جي ميزباني قطر کي ڏيڻ غلط فيصلو هو. 86 ورهين جو بلاٽر فيفا جي عالمي انتظامي اداري جو صدر هو، جڏهن 2010 ۾ قطر کي 2022 ورلڊڪپ ڏنو ويو هو. برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي موجب فيفا جي اڳوڻي صدر جو چوڻ آهي ته مون ان وقت صحيح چيو هو ته قطر کي 2022ع جي ورلڊ ڪپ جي ميزباني نه ڪرڻ گهرجي.

سوئس اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ فيفا جي اڳوڻي صدر چيو ته قطر ٽورنامينٽ جي ميزباني ڪرڻ لاءِ ننڍو ملڪ آهي ۽ ان لاءِ فٽبال ورلڊ ڪپ تمام وڏو آهي. 12 سال اڳ، فيفا جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي آمريڪا جي بدران 14 مان 8 ووٽن سان قطر کي ايونٽ جي ميزباني جو اعزاز ڏنو هو. فيفا جي اڳوڻي صدر چيو ته اها هڪ خراب چونڊ هئي ۽ مان ان وقت صدر جي حيثيت سان ان جو ذميوار آهيان. يوئيفا جي اڳوڻي صدر مائيڪل پلاٽيني ۽ سندس ٽيم جي چئن ووٽن جي مهرباني سان ورلڊڪپ جي ميزباني آمريڪا بدران قطر وٽ وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button