پاڪستاني ماڊل مٿيرا خان پنهنجي چهرين جي ڪيترين ئي سرجرين جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق مٿيرا خان هڪ شو دوران پنهنجي سرجرين بابت ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو تھ مون 2019ع ۾ هڪ حادثي بعد چهري جي خراب حصن جي سرجرائي ڪرائي آهي. هن جو چوڻ هو تھ ڪار جي حادثي بعد مان ٿولهه جي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي هئس، جنهن سبب سرجري جو سهارو وٺڻو پيو آهي. هن چيو تھ نڪ، چپن ۽ چهرين جي ڪجهه حصن جي سرجري ڪرائي، ڪا ٻي شئي نھ لڳرائي آهي، مان پنهنجي حوالي سان ڪا ڳالهه ناهيان لڪائيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close