آئي سي سي جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2022ع جو فائنل پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ آچر تي کيڏيو ويندو، ڀارت ٻئي سيمي فائنل ۾ 10 وڪيٽن تان انگلينڊ هٿان شڪست کائي نڪري ويو آهي. ميگا ايونٽ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ٽاس کٽي انگلينڊ ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، جيڪو فيصلو درست ثابت ٿيو ۽ ڀارتي بيٽر ڄمي کيڏي نھ سگهيا. ڀارت مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن تي 167 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ اوپنر ڪي ايل راهول 5 ۽ ڪپتان روهت شرما 27 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، جنهن بعد ويرات ڪوهلي ڪجهه اسڪور اڳتي وڌايو، پر ساڻس گڏ کيڏندڙ سوريا ڪمار 14 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جنهن بعد هاردڪ پانڊيا ويرا ڪوهلي جو ساٿ ڏنو. جڏهن تھ ويرات ڪوهلي 50 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، هاردڪ پانڊيا بھ 63 رنسن جي اننگز کيڏي نمايان رهيو. جڏهن تھ انگلش بالرن ڪرس جارڊن 3 شڪار ڪيا، عادل رشيد ۽ ڪرس ووڪس هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي. هوڏانهن ڀارت جو 168 رنسن وارو هدف انگلينڊ جي اوپنرن جوز بٽلر 3 ڇڪن ۽ 7 چوڪن سان 80 ۽ ايلڪس هيلي 7ب ڇڪا ۽ 4چوڪن سان 86 رنسون ٺاهي پورو ڪري ڇڏيو ۽ ڀارتي بالر انهن جي آڏو بيوس بڻجي ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close