ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ٽوڙيندڙ سازشين جا حمايتي

Editorial

مون اڳ به ڪيترا ڀيرا سمجهاڻي ڏني آھي ته جيڪڏھن ڪنھن به ماڻهوءَ کي سياسي پارٽين سان اختلاف آھن ته اھو ھر ڪنھن جو بنيادي حق آھي ۽ انھيءَ سلسلي ۾ دليل ڏئي، ڀلي اخلاق اندر اختلاف ڪن پر جيڪڏھن ڪو سنڌ ٽوڙڻ جي پٺڀرائي ڪرڻ چاھي ٿو ته ان سياسي اڳواڻ جي، سنڌ دشمنيءَ باوجود کليوکلايو پٺڀرائي ڪرڻ ڪنھن به صورت ۾ مناسب ڪونھي. بھرحال، مون ھاڻي به نوٽ ڪيو آھي ته فيس بوڪ تي ڪي پراڻا ليکڪ، سنڌ ٽوڙڻ وارا بيان ڏيندڙ اڳواڻ جي کليو کلايو پٺڀرائي ڪن ٿا پر سندس سنڌ ٽوڙڻ وارن بيانن جي مخالفت خلاف اکر به نٿا ڪڇن. جيڪڏھن اخلاق اندر رھي سچائيءَ کي اھميت ڏجي ته سنڌ ٽوڙڻ جي حامين جي کليو کلايو پٺڀرائي ڪرڻ پنھنجي جاءِ تي وڏو ظلم آھي ۽ اھا سنڌ سان وڏي زيادتي آھي.
سنڌ جي بچاءُ لاءِ انھيءَ سلسلي ۾ ڪجهه مثال ڏيڻ ضروري آھن ته جيئن عام ماڻھو انھيءَ جي اھميت کي ڏسي، جيجل سنڌ جو بچاءُ ڪري سگهن. تازو نيويارڪ ۾ گهڻي وقت کان رھندڙ ھڪ ماڻهو لاڳيتيون اختلافي پوسٽون ڪيون آھن. ھن فيس بوڪ تي تصويرون ڏنيون ۽ لکيو آھي ته “عمران خان جي اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ”. انھيءَ بيان جي ھيٺان ٻن ڪُتن جا فوٽو ڏنل آھن، ھڪ ڪتي تي پيپلز پارٽي لکيل آھي ۽ ٻئي ڪتي تي (ن) ليگ لکيل آھي. فوٽن مان ظاھر آھي ته ٻيئي ڪُتا مستي ڪن ٿا ۽ ان جي ھيٺان وري نئين تصوير ڏنل آھي ته ٻه ڪُتا ڪارروائي ختم ڪري گڏ ڪري پيا آھن. مون انھيءَ ماڻهوءَ کي لکيو ته سياسي اڳواڻن ۽ پارٽين سان اختلافي حق ته سڀني کي آھن پر اخلاق جو به خيال رکڻ گهرجي. اخلاق اندر رھي ڪنھن جي به جائز مخالفت ڪريو ٿا ته اھو اوھان کي حق آھي پر اخلاق جو دامن ڇڏي نفرت نه ڪرڻ گهرجي. اھڙي ريت پوسٽ ذريعي ٻن سياسي پارٽين کي ڪُتن سان ڀيٽ ڏئي بدمعاشي ڪئي وئي آھي. مون ليکڪ شرف الدين سومري کان پڇيو ته عمران خان جو تازو بيان ميڊيا ۾ شايع ٿيو آھي ته ڊويزنن کي صوبا بڻايو، سندس اصل مقصد سنڌ ٽوڙڻ آھي ڇاڪاڻ ته اڳ به ھو اھڙا اختلافي بيان ڪيترا ڀيرا ڏئي چڪو آھي. انھيءَ ليکڪ، عمران خان جي سنڌ ٽوڙڻ وارن بيانن خلاف سڌي يا اڻ سڌي ريت اکر به ڪونه ڳالھايو. بھرحال، اھا ڏک جي ڳالھه ھئي ته اھڙن ماڻھن، سنڌ ٽوڙڻ جي بيانن باوجود سندس کليو کلايو پٺڀرائي جاري رکي آھي. مون کيس ٻڌايو ته عمران خان اڳ به چيو ھو ته “اندرون سنڌ” وارن کي ڪراچيءَ تي حڪومت ڪرڻ جو حق ناھي. جڏھن ته سچائي اھا آھي ته مون اڳ به پوسٽ رکي ھئي ۽ ڪالم به لکيا ھئا ته عمران خان وزيراعظم طور حڪومت ڪئي ھئي پر سندس اصل واسطو وفاقي گاديءَ واري شھر، اسلام آباد سان ڪونه ھو. جڏھن ته چئن مان ٽن صوبن ۾ به سندس يا حمايتي پارٽين جون حڪومتون ھيون، يعني پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان صوبا پر اتان جي ٽنھي وڏن وزيرن جو واسطو گاديءَ وارن شھرن سان ڪونه ھو. پوءِ عمران خان سنڌ سان نفرت ڇو ڪئي جو اعلان ڪيو ھئائين ته “اندرون سنڌ” وارن کي ڪراچيءَ تي حڪومت ڪرڻ جو حق ڪونھي. اھا کليو کلايو سنڌ دشمني ڪونه ھئي ته ٻيو ڇا ھو؟ نه رڳو ايترو پر عمران خان چواڻي “اندرون سنڌ” لاءِ وفاقي سرڪار طرفان ڀلائيءَ لاءِ ڪي به ڪارناما ڪونه ڪيا ھئا. الٽو، سنڌ سرڪار جا جائز پيسا جيڪي وفاق کي ڏيڻا ھئا، سي ميڊيا موجب وزيراعظم طور ڪيترا ڀيرا انھن ۾ ڪروڙين ۽ ڪڏھن ڪڏھن اربين رپيا ڪونه ڏنا. اھا سنڌ سان زيادتيءَ جي حد ھئي پر انھيءَ ماڻهو، عمران خان جي لاڳيتي حمايت ڪري سنڌ سان نفرت جو ڪاروبار جاري رکيو آھي.
پر سنڌ ڪير به ٽوڙي نٿو سگهي. مون کيس اوڀر پاڪستان (ھاڻي بنگلاديش) جو مثال ڏنو ته ان جي آبادي گهڻائي يعني 56 سيڪڙو ھئي، پوءِ به الڳ ڪرڻ تي مجبور ڪيا ويا. اوڀر پاڪستان جي الڳ ٿيڻ يعني جنرل يحى خان جي دور کان، مان ريڊيو پاڪستان سنڌي نيوز ڪراچيءَ جو باقاعدي ملازم ھئس ۽ مون کي ياد آھي ته مون بنگلاديش جي پھرين صدر شيخ مجيب الرحمان جو بيان ريڊيو ڪراچيءَ تان سنڌي نيوز ۾ جاري ڪيو ھو، جنھن ۾ھن چيو ھو تہ اسان سال 1952ع کان آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪئي ھئي.
اھا ڏاڍي حيرت واري ڳالهھ آھي ته اسان وٽ ڪيترا، سنڌ خلاف بيان ڏين ٿا يا وري ڪي سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالھه به ڪن ٿا پر اسان وٽ ڪيترا سنڌي، جيڪي پاڻ کي سنڌ جو اڪيلو خيرخواه سمجهن ٿا سي انهن جي حمايت ڪن ٿا پر افسوس! سنڌ دشمنيءَ وارن بيانن تي عمران خان کي ٽڪو به نٿا نندين. اھو عام تاثر آھي پر بيانن ذريعي زور وٺي رھيو آھي ته جيڪڏھن عمران خان اقتدار ۾ اچي پنھنجن سڌي يا اڻسڌي بيانن موجب ملڪ ٽوڙيندو ته اھي ماڻھو خوشيءَ ۾ ڊانسون ڪندا. جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته سنڌ ٽوڙڻ وارن بيانن تي، عمران خان کي نندين ھا پر ائين ڪونه ڪن ٿا. البت عمران خان جي حمايت ۾ سنڌ سان وڏيون وڏيون زيادتيون ڪن ٿا ته جيئن نيويارڪ جي سنڌي ليکڪ، جائز مخالفت جو حق استعمال ڪرڻ بدران پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ کي ڪتن جا فوٽو ڏئي ان کي ننديو آھي ۽ پنھنجي حامي عمران خان جي واکاڻ به ڪئي آھي. بھرحال،سندس نفرت جو ڪاروبار اڃا به جاري آھي.
ھڪ ٻيو به مثال آھي ته بلوچستان جي آن لائين اخبار “صداءِ بلوچستان” ڄاڻايو ھو ته بندش پيل پارٽي، بي ايل ايف جي سربراهه ڊاڪٽر الله نذر جي مائٽن سندس مرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي ھئي. ياد رهي ته ڊاڪٽر االله نذر 20 سنڌي پورهيتن کي 11 اپريل 2015ع تي تربت ويجھو شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري قتل ڪيو هو ۽ ان جي ذميواري به بي بي سيءَ کي ٻه ڀيرا فون تي انٽرويو ڏيندي پاڻ قبول ڪئي هئي ۽ وڌيڪ سنڌي پورهيتن کي مارڻ جو چٽو اعلان به ڪيو هئائين پر ڪيترن سنڌين، قاتل بلوچ کي ڪونه ننديو ھو.
سياسي اڳواڻن جن جو واسطو ڪھڙي به سياسي پارٽيءَ سان ڀلي ھجي تنھن سان جائز شڪايت ڪرڻ ھر ڪنھن جو بنيادي حق آھي، انھيءَ کان انڪار ڪرڻ ڪنھن به صورت ۾ مناسب ڪونھي. مخالف سياسي ليڊر، سنڌ کي ٽوڙڻ جا بيان ڏئي ٿو ته انھن کي نه نندڻ، سندس سڌي يا اڻ سڌي ريت حمايت آھي. افسوس! اسان وٽ اھڙا کوڙ مختلف سياسي پارٽين جا اڳواڻ. ميمبر ۽ ليکڪ موجود آھن، جن جي روين مان ظاھر آھي ته ھو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پ پ پ) سميت ڪنھن به سياسي پارٽي جي مخالفت ڪندي، سنڌ جي وجود جي ڪٽر دشمن عمران خان جي حمايت ڪندا رھندا آھن. بھرحال، سنڌ دشمنن جي حمايت ڪنھن به صورت ۾ نه ڪرڻ گھرجي نه ته اھو تاثر پيدا ٿي سگهي ٿو ته عمران خان جھڙا سنڌ ٽوڙيندا ته اھي ماڻھو خوشين ۾ نچندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button