
آمريڪي عدالت هالي ووڊ جي آسڪر ايوارڊ کٽيندڙ ڪينيڊين هدايتڪار پال هيگس تي ريپ جو الزام هڻندڙ عورت کي ساڍا 7 ملين ڊالر ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق هدايتڪار پال هيگس خلاف نيويارڪ جي مقامي عدالت ۾ ساڻس گڏ فلم جي سيٽ تي ڪم ڪندڙ عورت هيلي بريسٽ ريپ ڪرڻ جو الزام لڳايو هو، جنهن بابت ٻڌڻي مڪمل ڪندي عدالت پال هيگس کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ کيس حڪم ڏنو تھ متاثر عورت کي ساڍا 7 ملين ڊالر ادا ڪيا وڃن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ هيلي بريسٽ نالي عورت پال هيگس مٿان 2010ع ۾ کيس ريپ جو نشانو بڻائڻ جو الزام لڳايو هو. هيلي بريسٽ عدالتي فيصلي بعد جاري ڪيل بيان ۾ چيو تھ عدالت جي ٿورائتي آهيان، جنهن حقيقتن کي سامهون آڻي منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي. هوڏانهن پال هيگس خلاف فيصلو اچڻ تي عدالت جي اندر ئي سندس ڌيئرون سندس ڪلهي ٿي منهن رکي روئي ويٺيون آهن.