رانديون

ثانيا ۽ شعيب ۾ طلاق جي اعلان آڏو ڪمپنين سان معاهدا رڪاوٽ

ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ وچ ۾ طلاق جي هلندڙ افواهن دوران انڪشاف ٿيو آهي تھ جوڙي ۾ باضابطا طور طلاق ٿي وئي آهي، پر ان جي اعلان آڏو ٻنهي پاران مختلف ڪمپنين سان ڪيل معاهدا رڪاوٽ بڻجي ويا آهن. ميڊيا مطابق ثانيا مرزا ۽ سندس مڙس شعيب ملڪ جي ويجهن دوستن جوڙي ۾ باضابطا طور طلاق ٿيڻ جي دعوا ڪئي آهي، پر اهو عجيب ٿي رهيو آهي تھ طلاق وارن هلندڙ افواهن دوران ثانيا پارڪ جي تازي هو ۾ گهمندي تصوير رک ي ڇڏي، جنهن ڳالهه کي موجهاري جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. ويجهن دوستن جي دعوا آهي تھ ثانيا مرزا ۽ شعيب ملڪ مختلف معاهدا ڪيا آهن، طلاق جو اعلان بھ ان ڪري ناهي ٿيو. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي تھ جوڙي وچ ۾ عائشا عمر سان گڏ ڪرايل بولڊ فوٽو شوٽ بھ اختلافن جو سبب بڻيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button