
آئي سي سي جو چيئرمين هڪ ڀيرو ٻيهر گريگ بارڪلي چونڊجي ويو آهي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ سان تعلق رکندڙ گريگ بارڪلي جي سامهون ڪوبھ اميدوار نھ آيو، جنهن بعد هو ٻيهر ٻن سالن تائين آئي سي سي جو چيئرمين بڻجي ويو آهي، هوڏانهن ڀارت جي جئي شاهه آئي سي سي جي مالي معاملن جي سربراهه طور ڪاميابي ماڻي آهي.