
ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي فائنل واري ڏهاڙي ٿي برسات جي اڳڪٿي جي ابتڙ موسم اوچتو بهتر ٿي وئي ۽ برسات ناهي ٿي، جنهن سبب راند مڪمل اوورن سان مقرر وقت تي کيڏي وئي آهي. ميڊيا مطابق موسميات کاتي ميلبورن ۾ آچر ۽ سومر ڏهاڙن تي برسات جي اڳڪٿي ڪئي، پر اها برسات هڪ ڏينهن اڳ وسي آهي.