پاڪستان جي فٽبال ٽيم ٽن سالن بعد عالمي ميچ کيڏڻ جي ڏس ۾ مڪمل طور تياري ڪري ورتي آهي ۽ اها ٽورنامينٽ کيڏڻ جي حوالي سان نيپال رواني ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي فٽبال ٽيم فيفا جون پابنديون ختم ٿيڻ بعد اٽڪل ٽن سالن جي وٿي سان عالمي ميچ کيڏڻ وڃي رهي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ٽيم ڪپتان حسن بشير جي اڳواڻي ۾ رواني ٿي، جنهن سان گڏ عمر حيات، گول ڪيپر ثاقب حنيف، يوسف اعجاز بٽ ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن تھ مينيجر سميت آفيشلز پڻ روانا ٿيا آهن، پاڪستاني ٽيم نيپال خلاف پهرين ميچ 16 نومبر تي کيڏندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close