
پاڪستاني بالر شاداب خان ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ 98 وڪيٽون وٺي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو وڌيڪ وڪيٽن وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق شاهد آفريدي ٽي 20 ۾ 97 وڪيٽن سان اڳيان هو، جنهن جي موٽ ۾ شاداب خان ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ هيري بروڪ جي وڪيٽ وٺي 98 وڪيٽن جي تعداد سان اهم رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي، هوڏانهن شاداب خان اهم رڪارڊ ٺاهڻ تي خوشي جو اّظهار ڪيو آهي.