رانديون

پاڪستان ويمن ٻئي ٽي 20 ۾ آئرلينڊ کي هارائي حساب برابر ڪيو

پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽيم ٻئي ٽي 20 مقابلي ۾ برسات سبب 17 اوورن تي محدود ڪيل ميچ ۾ آئرلينڊ ويمن کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق آئرلينڊ جي ٽيم 7 وڪيٽن تي 118 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ايمي هنٽر 36، اورلا پرينڊرگيسٽ 20، ريبيڪا اسٽوڪيل 17 ۽ آئميئر رچرڊسن 15 رنسون ٺاهي نمايان رهيون. پاڪستاني بالرن ندا ڊار، نشارا سنڌو 2،2 ۽ فاطما ثنا، عميما سهيل هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. جڏهن تھ پاڪستان 16 اوورن ۾ 4 وڪيٽن تي 121 رنسن سان ڪاميابي ماڻي ورتي، جنهن ۾ جويريا خان 35، ندا ڊار 28، عائشا نسيم 25، منيبا علي 12 رنسن سان نمايان رهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button