
آسٽريليا جي ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ايرون فنچ پاڪستان جي بابراعظم کي موجودا دور جو وڏو رانديگر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايرون فنچ چيو تھ ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽس ۾ بابراعظم جو ڪو جوڙ ناهي، اوهان ڪجهه بھ ڪيو، بابر کي آئوٽ ڪرڻ ڏکيو ٿيو وڃي، هن وٽ هر طريقو آهي.