رانديون

ٽي-20 رينڪنگ، بابر اعظم ترقي بعد ٽئين نمبر تي اچي ويو

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي-20 رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل رينڪنگ موجب ڀارتي بيٽسمين سوريا ڪمار ياديو 859 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته پاڪستان جو محمد رضوان 836 پوائنٽس سان ٻئين نمبر تي آهي. پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم کي ترقي ڏني وئي آهي ۽ هو چوٿين پوزيشن کان ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي. ٽي-20 بالرز جي رينڪنگ ۾ سري ڪي هسارنگا پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته افغانستان جو راشد خان ٻئي ۽ انگلينڊ جو عادل رشيد ٽئين نمبر تي آهي. پاڪستان جو ڪوبه بالر ٽاپ ٽين جي رينڪنگ ۾ شامل نه آهي. آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ بنگلاديش جو شڪيب الحسن پهرين، افغانستان جو محمد نبي ٻئين ۽ ڀارت جو هاردڪ پانڊيا ٽئين نمبر تي آهي. آل رائونڊرز جي ٽاپ ٽين ۾ ڪو به پاڪستاني ڪرڪيٽر شامل ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button