آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم هوم گرائونڊ تي پهرين ون ڊي ۾ انگلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن تھ انگلش بيٽر ڊيوڊ ملان جي سنيچري ٽيم جي ڪم نھ اچي سگهي آهي. ميڊيا مطابق آسٽريليا جي ٽيم اوول جي ميدان تي هوم سيريز جي پهرين ون ڊي ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏئي سرسي ماڻي ورتي آهي. انگلينڊ جي ٽيم انگلينڊ 9 وڪيٽن تي 287 رنسون ٺاهي هدف ڏنو، جنهن ۾ ڊيوڊ ملان 134، ڊيوڊ ولي 34، جوز بٽلر 29 ۽ سيم بلنگس 17 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جيسن روئي ۽ فل سالٽ جي اوپننگ ٻوٽو نھ ٻاري سگهي آهي. آسٽريلوي بالرن مان بالرن ۾ ايڊم زمپا ۽ ڪپتان پيٽ ڪمنز 3،3 وڪيٽون وٺي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيو. آسٽريليا جي ٽيم هدف پويان کيڏندي 4 وڪيٽن تي 291 رنسون ٺاهي ڪاميابي ماڻي، جنهن ۾ ڊيوڊ وارنر 86، اسٽيو سمٿ 80 ۽ ٽريوس هيڊ 69 رنسون ٺاهيون، ايلڪس ڪيري 21 ۽ ڪيمرون گرين 20 رنسون ٺاهيون. انگلش بالرن مان ڊيوڊ ولي 2، ڪرس جارڊن ۽ ليام ڊائوسن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي آهي. انگلش بيٽر ڊيوڊ ملان 134 رنسن سبب پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ماڻي ورتو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close