ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جو ڪردار

Editorial-Article Mohammad Khan Sial

وزيراعظم شھباز شريف جو اھم بيان تازو ڇپيو آھي ته عمران خان پنھنجو “شيطاني ڪردار” ياد ڏياري ڇڏيو آھي. ھن سياسي مفاد خاطر پاڪستان جي ٻاھرين لاڳاپن کي نقصان پھچايو آھي. انھيءَ کان علاوه، ٻئي طرف، بلاول ڀٽي زرداريءَ سربراهھ پاڪستان پيپلز پار ٽيءَ جو چوڻ آھي ته عمران خان جي سياست هڪ مقرريءَ جي چوڌاري آھي.
ٻئي طرف، عمران خان تازو عجيب بيان ڏنو آھي ته نواز شريف، نئين آرمي چيف کان مون کي نااھل ڪرائڻ چاھي ٿو، سندس چواڻي سائفر بعد چونڊن تي يوٽرن آھي، چونڊون ڀلي سال پوءِ ٿين، اسان کي ڪو مسئلو ڪونھي. پي ٽي آءِ ظاھري طور ڪامياب ٿيندي.
اھا سچائي آھي ته عمران خان مقرر وقت کان اٽڪل ھڪ سال اڳ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ ڊانس ڪندو رھيو آھي. ھاڻي وري چوي ٿو ڀلي سال کانپوءِ ٿئي. سندس اختلافي بيان ملڪ لاءِ سخت نقصانڪار آھن. ميڊيا ۾ ھر ڏھاڙي عمر خان جي باري ۾ کوڙ اختلافي خبرون ڇپجن ٿيون ۽ بي ريا بڻجي ڪاٿو لڳائڻ گهرجي ٿو ته ڇا عمران خان، سنڌ سميت سڄي ملڪ لاءِ ھيرو ثابت ٿي سگهندو يا وري سخت ھاڃيڪار رھندو! اھا سچائي آھي ته عمران خان ملڪ جو وزيراعظم پوڻا چار ورھيه تازو رھي چڪو آھي ۽ اھو ڀلي ايمانداريءَ سان فيصلو ڪجي ته سندس دور دوران سندس پاليسيون سنڌ سميت پاڪستان لاءِ عاليشان ھيون يا وري سخت نقصانڪار. جيڪڏھن سندس پاليسيون ملڪ لاءِ سچ پچ زوردار ڀلائيءَ واريون ھيون ته پوءِ ڀلي سندس پٺڀرائي ڪرڻ گهرجي ۽ آئيندي به ڀلي اقتدار ۾ اچي پر جيڪڏھن سندس پاليسيون سنڌ سميت سڄي پاڪستان لاءِ سخت ھاڃيڪار ھيون ته پوءِ سندس زوردار مخالفت ڪرڻ گهرجي ۽ ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ کيس رعايت ڪونه ڏيڻ گهرجي.
منھنجي سينيئر صحافي طور اسان جي ڇنڊڇاڻ آھي ته اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري ميڊيا تي ڪيترا ماڻھو پنھنجن اڳواڻن جي جائز توڙي ناجائز ‘ڪارنامن’ جي پٺڀرائي ڪندا رھندا آھن ۽ مخالفن کي ميڊيا ذريعي گاريون به ڏيندا رھندا آھن ۽ مختلف طريقن سان مخالفن جي بيعزتي به ڪندا رھندا آھن. سڄي ملڪ اندر، اھو مکيه خطرناڪ لاڙو ھوندو آھي. اصل ۾ ڏسڻ گهرجي ته ملڪ جو فائدو ڪھڙن حڪمرانن سان وابستا آھي ۽ ھاڻوڪي مخالف اڳواڻ (عمران خان) جو ڪردار، ملڪ جي فائدي ۾ به آھي يا بلڪل ڪونه.
انھيءَ سلسلي ۾ ھڪ مکيه خبر ڇپي آھي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سعودي ولي عهد طرفان ملندڙ قيمتي تحفن جو خريدار سامهون اچي ويو آھي. دبئي جي ڪاروباري شخص عمر فاروق تحفن سان گڏ سامهون اچي ويو، سندس چوڻ آهي ته عمران خان سعودي ولي عهد کان ملندڙ قيمتي گهڙي، دبئي ۾ فرح گوگي ذريعي کپائي، 50 لکن کان 60 لک ڊالرن جي گهڙي 20 لک ڊالرن ۾ کپائي وئي. گهڙي جي خريدار جو چوڻ آهي ته عمران خان جي صلاحڪار شهزاد اڪبر مون سان رابطو ڪيو ۽ فرح خان گهڙي کڻي آئي، مان گهڙي ٺاهيندڙ ڪمپني کان پڪ ڪرائي ته انهن چيو ته 50 لکن کان 60 لک ڊالرن ۾ ملي وڃي ته سٺو آهي پر مون سان 20 لکن ڊالرن ۾ ڊيل ڪئي وئي. عمر فاروق موجب عمران خان جي دوري دوران سعودي ولي عهد کيس تحفا ڏنا، هن اهي توشا خانا ۾ جمع ڪرايا، پوءِ دبئي کڻي آيو. خريدار وڌيڪ ٻڌايو ته شهزاد اڪبر رابطو ڪري چيو اسان وٽ گهڙين جو سٺو سيٽ آهي ۽ فرح گوگي دبئي اچي توهان کي گهڙي ڏيکاريندي، فرح منهنجي آفيس آئي ۽ مون کي گهڙيون ڏيکاريائين. سندس چوڻ هو ته دبئي ۾ 75 لک درهم طور روڪ پيسا ادا ڪئي وئي، اها گراف جي گهڙي هئي.
سنڌ جي وزير شرجيل ميمڻ چواڻي عمران خان توشا خانا مان چوري ڪرڻ ۽ ادارن خلاف ڳالهائڻ باوجود لاڏلو بڻيل آهي. اڄ به عمران خان کي ڇوٽڪارو حاصل آهي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان تحفي ۾ مليل گهڙي وڪرو ڪري ملڪ جو سودو ڪيو.
ھونئن به ڏسجي ته عمران خان ڪيترن مسئلن دوران پنھنجي شخصيت کي ڄاڻي واڻي “فرشتو” بڻائي ڇڏيو آھي ۽ سندس سخت اختلافي بيانن ذريعي پنھنجو گذر سفر ڪندو رھندو آھي پر اسان وٽ ڪيترا اھڙا ماڻھو آھن جيڪي حق ۽ سچ جي آواز کي بلند ڪرڻ لاءِ سندس مخالف اڳواڻن سان نفرت جو ڪاروبار ڪندا رھندا آھن، اسان سنڌين ۾ ڪيترا اھڙا به آھن جيڪي ڪجھه سياسي اڳواڻن سان ذاتي طور جائز گهٽ ۽ ناجائز گهڻي نفرت ھئڻ باوجود عمران خان جا ڪٽر حامي ھوندا آھن.
وفاقي توانائيءَ واري وزير خرم دستگير چواڻي ھڪ ارب 70 ڪروڙ جي گھڙي وڪڻڻ جو معاملو نبيرڻو پوندو. عمران خان جي سرڪار ھئي، دستاويزي ثبوت وٽس ھئڻ گهرجن. عمران خان ثبوت ڏيندو ته مسئلا نبيرجي ويندا. جيو نيوز جي پروگرام “ڪيپيٽل ٽاڪ” ۾ گفتگو ڪندي سندس چوڻ ھو ته عمران خان قانون بدلايو پر 20 سيڪڙو ادائيگيءَ جو فائدو حاصل ڪيو پر ادائيگي 50 سيڪڙو ڪرڻ باوجود ڪوبه تحفو ظاھر ڪونه ڪيو.
عمران پھريان ته لاڳيتو مطالبو ڪندو رھيو ته مقرر وقت کان اڳ (اٽڪل ھڪ سال) عام اليڪشن ڪرايو ۽ ملازمت ۾ واڌ ورتل فوجي سربراھه کي عھدي ۾ اڃا بہ ٻيھر واڌ ڏئي عام اليڪشن ڪرايو. پوءِ، حڪمران پارٽي نواز ليگ اھو چيو ته اسان سينيئر عھديدار کي نئون فوجي سربراھه مقرر ڪنداسون ته عمران خان ناٽڪ رچائيندو رھيو، عمران خان جي ھاڻي اھا عجيب دعوى آھي ته چونڊون انھيءَ ڪري تڪڙيون نه ٿينديون ڇو جو نواز شريف ۽ آصف زرداري ڊنل آهن ته اهي اليڪشن هارائي ويندا، پر اصل سوال اھو آھي ته اليڪشن ڇو ڪونه مقرر وقت تي ڪرائجي، اڳ ڪرائڻ جو ناٽڪ جائز ڪونھي پر عمران خان ھروڀرو ضد ڪري ماڻھن کي گمراھه ڪرڻ جي لاڳيتو ڪوششون ڪندو رھيو آھي.
منھنجي رٿ آھي ته عوام اھو ضرور سوچي ته عمران مقرر وقت کان اڳ، اليڪشن ڪرائڻ لاءِ ناٽڪ رچائيندو رھي ٿو پر مون سندس حامين کان پڇيو ته عمران خان پوڻا چار سال وزيراعظم رھيو پر ھن عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪو خاص ڪارنامو ڪونه ڪيو، الٽو بار بار مھانگائي آڻيندو رھيو ۽ سنڌ سان سندس ايتري نفرت ھئي جو ھن سنڌ جا رھيل جائز پيسا ڪيترا ڀيرا مڪمل ڪونه ڏنا. مون کي پڪ آھي ته عمران خان ٻيھر اقتدار ۾ آيو ته وري به عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪو خاص قدم ڪونه کڻندو پر وڻندڙ ۽ ڊگھن بيانن ذريعي گذر سفر ڪندو رھندو. سنڌ جي عوام کي اھو به نوٽ ڪرڻ گهرجي ته ڊيزنن کي صوبا بڻائڻ واري سندس اعلان تي عمل ڪري سنڌ ٽوڙيندو تنھنڪري سنڌ جي عوام کي سوچي سمجهي ووٽ ڏِيڻ گھرجن مطلب ته ڪنھن کي به ووٽ ڏين يا نه ته اھو سندن بنيادي حق آھي پر اھڙي سياسي اڳواڻ ۽ سندس حامين کي ووٽ نه ڏين جيڪو اعلان موجب سنڌ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ٻيھر ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آڻيندو البت پنھنجو گذر سفر اڳ وانگيان، رڳو مخالفن کي گاريون ڏئي جاري رکندو رھندو سو عمران خان جي سخت مخالفت ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ جاري رکجي ته بھتر ھوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button