
سربيا سان تعلق رکندڙ ٽينس اسٽار نواڪ جوڪووچ کي آسٽريلوي حڪومت ڪرونا وبا بعد پهريون ڀيرو ويزا جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد هو آسٽريليا ۾ رٿيل ٽينس ايونٽ ۾ کيڏڻ جو اهل ٿي ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽينس اسٽار رافيل نڊال چيو تھ نواڪ کي اجازت ملڻ خوشي واري وڏي خبر آهي.