آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻئي ون ڊي ۾ بھ ٽي 20 جي عالمي چيمپيئن انگلينڊ کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق آسٽريليا پهرين کيڏندي 8 وڪيٽن تي 280 رنسون ٺاهي هدف ڏنو، جنهن ۾ اسٽيو سمٿ 94، مارنس ليبوشين 58، مچل مارش 50 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ انگلش بالرن عادل رشيد 3، ڊيوڊ ولي ۽ ڪرڪس ووڪس 2،2 وڪيٽون ورتيون. انگلينڊ جا بيٽر 281 رنسن جي هدف پويان کيڏندي 208 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، جن ۾ سيم بلنگ 71، جيمس ونس 60 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڊيوڊ ملان، جيسن روئي سيم ڪوران ٻڙي تي واپس هليا ويا. آسٽريليا جي بالر مچل اسٽارڪ ۽ ايڊم زمپا 4،4 وڪيٽون ورتيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close