فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ 2022ع جو ميگا ايونٽ اڄ کان قطر ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪل 32 ٽيمون هڪٻئي سان مقابلا ڪنديون. ميڊيا مطابق قطر ۾ سخت پابنديون لاڳو هجڻ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ميڊيا ڪوريج سميت قطر ۾ اچڻ بعد لاڳو قانون رانديگرن توڙي يورپ ۽ ٻين آزاد خيال ملڪن مان ايندڙ تماشائين کي پريشانين ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، پر ان هوندي بھ اهي ايونٽ ڏسڻ جو بيچيني سان انتظار ڪري رهيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ قطر ذريعي عرب سرزمين تي ٿيندڙ پهرئين فيفا ورلڊ ڪپ لا عالمي معيار جا 8 وڏا ايئرڪنڊيشنڊ اسٽيڊيم تيار ڪيا ويا آهن.
ايونٽ ۾ شريڪ 32 ٽيمن کي 4، 4 جي حساب سان 8 گروپن ۾ ورهايا ويو، جن ۾ گروپ اي ۾ قطر، سينيگال، ايڪواڊور، نيڌرلينڊ، گروپ بي ۾ انگلينڊ، ايران، آمريڪا، ويلز، گروپ سي ۾ ارجنٽائين، سعودي عرب، ميڪسيڪو، پولينڊ، گروپ ڊي ۾ فرانس، آسٽريليا، تيونس، ڊنمارڪ، گروپ اي ۾ اسپين، ڪوسٽاريڪا، جرمني ۽ جاپان، گروپ ايف ۾ بيلجيم، ڪينيڊا، مراڪش، ڪروشيا، گروپ جي ۾ برازيل، سربيا، ڪيمرون، سوئٽرزلينڊ، گروپ ايڇ ۾ پرتگال، گهانا، يوراگئي ۽ ڏکڻ ڪوريا شامل آهن.
جڏهن تھ پهرين مقابلو اڄ قطر ۽ ايڪواڊور جي وچ ۾ ٿيندو. افتتاحي تقريب ۾ نورا فتيحي سميت مشهور ڳائڻيون پرفارم ڪنديون ۽ روشنين جي چمڪاٽن سان ايونٽ شروع ٿي ويندو. ايونٽ ۾ فرانس اعزاز جو دفاع ڪندو. هوڏانهن آڪسفورڊ ميٿاميٽيڪل ماڊل پاران ورلڊ ڪپ ۾ برازيل جي فاتح ٿيڻ جي اڳڪٿي ٿي آهي.