ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سيوهڻ روڊ حادثو: ڪنهن جي ڪوتاهي؟

Editorial

ڇا سنڌ حڪومت ڪڏهن اها سروي ڪرائي آهي ته هر سال سنڌ جي روڊن تي ٿيندڙ حادثن ۾ ڪيترا ماڻهو مرندا آهن، ان کان پوءِ انهن حادثن جي سببن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا ويندا آهن. اسان کي هر حادثي کان پوءِ اها خبر پوندي آهي ته فلاڻي شهر يا فلاڻي هنڌ روڊ حادثي ۾ هيترا ماڻهو مري ويا آهن ۽ ان کان پوءِ روڊ حادثن ۾ مري ويل ماڻهن جي وارثن کي روڪ رقم ڏئي جان ڇڏائي ويندي آهي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ ٻيو روڊ حادثو ٿيندو آهي ۽ وري ساڳي ڪارروائي ورجائي ويندي آهي. پر ڪڏهن حڪومت ان حادثي جي ذميواري قبولڻ لاءِ تيار نه هوندي آهي، ڪڏهن اها اهو قبولڻ لاءِ تيار نه هوندي آهي ته ان جي ڪوتاهي سبب حادثو ٿيو آهي ۽ جيڪي ماڻهو ان حادثي سبب مئا آهن، ان جي ذميواري حڪومت ۽ روڊس کاتو آهي، جيڪي هيترن سالن کان حادثن جا سبب ته نه ڳولي سگهيا آهن پر حادثن جو سبب ضرور ٿيندا رهيا آهن. سيوهڻ روڊ تي ٿيل حادثو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي.

خيرپورميرس کان سيوھڻ سکان کڻي ايندڙ وين سيوھڻ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪال لا ڏنل ڪٽ ۾ ڪري پئي، معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ھڪ سال جي ٻارڙي گم آهي. خبر موجب خيرپور ميرس جي ڳوٺ دائود ڦلپوٽو جا رھواسي درگاھه حضرت قلندر لعل شهباز تي سکان کڻي اچي رھيا ھئا ته وين سيوھڻ ٽول پلازا ڀرسان ٻوڏ دوران انڊس هاءِ وي کي ڏنل ڪٽ ۾ ڪري پئي. اطلاع ملڻ تي سيد عبدالله انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جون ايمبولينسون، سيوھڻ ون فائيو مددگار پوليس ۽ موٽروي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي وين مان لاش ڪڍي اسپتال پھچايا. فوتين ۾ 8 عورتون، 6 ٻارڙيون ۽ 6 معصوم ٻارڙا شامل آهن، فوتين ۾ الھڏنو پٽ شاهه نواز ڦلپوٽو، محبوب ڦلپوٽو، ليلان، شاھدان زال شاھنواز، شھزادو، سونھن، شاھنواز، الھڏني ڌي غلام رضا، بينظير، ثنا زال عرفان، نجما، محمودا، ھير، دلشاد، سڌير، ڪلثوم، عثمان، محبوب، مديحه ۽ ٻيا شامل آهن. جڏھن ته 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان ٻن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. جڏھن ھڪ سال جي ٻارڙي گم آھي. مليل ڄاڻ موجب انڊس هاءِ وي کي ڏنل ڪٽ وٽ ڪابه رڪاوٽ رکيل نه ھئي، جنھن سبب وين سڌي پاڻيءَ ۾ ڪري پئي، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن طرفان لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته انتظاميا ۽ پوليس کي وقت سر اطلاع ڏيڻ باوجود ريسڪيو آپريشن ۾ دير ڪئي وئي، پوليس موجب انڊس هاءِ وي تي ٻوڏ جي پاڻيءَ کي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪٽ لڳايا ويا هئا. ٻوڏ واري صورتحال کي 2 مهينا گذرڻ باوجود ڪٽ ۽ کڏا نه ڀريا ويا، جنهن سبب حادثو پيش آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته وين ۾ سوار 5 ڄڻن کي بچايو ويو، جن کي عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين صديقي حادثي ۾ 18 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ڊاڪٽر معين موجب فوت ٿي ويلن ۾ 4 ٻار، 6 ڇوڪريون ۽ 8 عورتون شامل آهن، ٻارن جي عمر 10 کان 15 سالن جي وچ ۾ آهي. عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته 5 زخمي علاج هيٺ آهن، جن مان 2 جي حالت نازڪ آهي. هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان سيوهڻ ۾ قلندر جي پانڌيئڙن جي وين سان پيش آيل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ڄامشورو پوليس کي حادثي واري هنڌ پهچي ريسڪيو آپريشن ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
سنڌ حڪومت هر حادثي کان پوءِ افسوس جو اظهار ڪندي آهي، وڏا وڏا اعلان ڪندي آهي پر ان سان نه ته حادثا گهٽجي سگهيا آهن ۽ نه ئي وري عام ماڻهو جو سفر محفوظ ٿيو آهي. سيوهڻ حيدرآباد روڊ حادثن جي ڪري مشهور رهيو آهي ۽ هيستائين اهو روڊ هزارين ماڻهن جون زندگيون ڳڙڪائي ويو آهي پر تنهن هوندي به ان روڊ کي نه ته ڊبل ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي محفوظ بڻايو ويو آهي. نتيجي ۾ رڳو حادثا ئي مقدر آهن.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ ٿيندڙ حادثا روڊن تي غلط ڊزائين ۽ حڪومت جي نااهلي سبب ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن ٻوڏ لاءِ لڳايل ڪٽ کي وقت سر ڀريو وڃي ها يا اتان ڪو متبادل رستو ڏنو وڃي ها ته اهو حادثو پيش نه اچي. جيڪي پئسا حڪومت روڊ حادثن ۾ مري ويل ماڻهن جي وارثن کي ڏيندي آهي، بهتر آهي ته اهي پئسا روڊن جي مرمت ۽ انهن کي بهتر ڪرڻ لاءِ خرچ ڪيا وڃن ته جيئن روڊ حادثن کان بچي سگهجي ۽ ماڻهن کي محفوظ سفر پڻ نصيب ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته محفوظ سفر هر مسافر جو حق آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button