ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سيکڙاٽ ناول نگار

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

سنڌي ادب ۾ ناول لکجڻ جو سفر تيزيءَ سان جاري آهي ۽ اهو جاري رهڻ به گهرجي. جيئن ته گذريل ڪجهه سالن کان ناول لکڻ جو لاڙو وڌيو آهي، ان ڪري سنڌيءَ ۾ اهي ماڻهو ناول لکن پيا جن کي ناول لکڻ اچي ٿو ۽ اهي به لکن پيا جن ڪڏهن ڪا ڪهاڻي به ناهي لکي. ان ڪري ٻنهي پاسي کان ناول جي ڀرمار لڳي پئي آهي. ادب ۾ مقدار جو معاملو ته ان سان حل ٿي سگهي ٿو پر معيار جو معاملو ڪجهه ٻيو آهي.

مون گذريل ڪجهه عرصي ۾ سنڌيءَ ۾ اهڙا اهڙا ناول ڏٺا آهن، جن جي تخليقڪارن ڪڏهن ڪابه تخليقي سٽ ناهي لکي پر انهن ادب جي رن وي تان پهرين اڏام ناول جي ڀري آهي. ڇا ناول لکڻ ايترو سولو ٿي پيو آهي يا ناول جون گهرجون ڪجهه ٻيون ٿي ويون آهن؟ هونئن ائين ضرور ٿيندو رهيو آهي ته دنيا ۾ جيڪي ماڻهو صحافت سان واڳيل رهيا آهن، انهن ناول لکڻ تي طبع آزمائي ڪئي آهي. جيئن محمد حنيف ڪئين سالن تائين صحافت ڪئي پر پوءِ هن آمر ضياءَ جي موت واري واقعي تي “اي ڪيس آف ايڪسپلوڊنگ مينگوز” جهڙو بهترين ناول لکيو. پر هن جي ڪريٽو رائٽنگ ۾ ڊگري آهي. اهڙي ريت گارشيا مارڪيز آهي، جنهن گهڻو وقت صحافت کي ڏنو پر سندس ابن ڏاڏن جي هڪ اهڙي ڪهاڻي ننڍي هوندي کان هن جي ذهن ۾ ڦرندي رهندي هئي، جنهن کيس بي چين ڪري ڇڏيو هو ۽ هن ان کي بيان ڪرڻ جا وجهه پئي ڳوليا.
هو ادبي دنيا جو هڪ وڏو نالو آهي. سندس سڃاڻپ جادوئي حقيقت نگاري آهي. جيئن ته هن جي لکڻ جو انداز داستان گوئي وارو آهي، ان ڪري جادوئي حقيقت نگاريءَ کي پنهنجن ناولن ۾ سموئڻ جو فن کيس چڱي ريت اچي ٿو. پر اهو ضروري ڪونهي ته هر ناول جادوئي حقيقت نگاري واري ادبي لاڙي ۾ لکيو ويندو ته اهو شاهڪار هوندو، يا وري ڪو ناول سماجي حقيقت نگاريءَ تي آڌار لکيل هوندو ته اهو ادبي شاهڪار نٿو ٿي سگهي. اهو هر ناول نگار جي ڪاريگري يا هن جي ڪلا تي آهي ته اهو ڪهڙي ريت پنهنجي تخليقي صلاحيت وسيلي ناول ۾ پڙهندڙ لاءِ وڌيڪ ڪشش ٿو ڀري.
گارشيا مارڪيز جڏهن “اڪيلائيءَ جا سئو سال” ناول لکي رهيو هو ته ان جو عنوان هن “گهر” رکيو هو. اهو هڪ عام نالو آهي. پر جڏهن ان ساڳي مسودي کي وري وري لکيو ته هن عنوان مٽائي ڇڏيو ۽ اهڙي ريت اڪيلائي جا سئو سال جهڙو وڻندڙ نالو هن جي سڃاڻپ بڻجي ويو. مارڪيز اهو ناول ارڙهن مهينن ۾ لکي پورو ڪيو هو.
پر اهي ڪجهه اتفاق آهن، جيڪي ادبي دنيا ۾ اسان کي نظر اچن ٿا. جيڪڏهن اهو سلسلو هر ٻوليءَ جي ادب تي لاڳو ڪجي ته ان جا نتيجا اهڙا نٿا نڪري سگهن، جهڙا اسين چاهيون ٿا. سنڌيءَ ۾ ايندڙ هر ناول جي حوالي سان پبلشر، ناول جو مهاڳ يا بيڪ ٽائيٽل لکندڙ اهو ضرور لکندو آهي ته هيءَ هڪ منفرد ناول آهي. پر ان جي انفراديت ڪهڙي آهي؟ اهو ڪير نٿو ٻڌائي. ان ۾ اهڙو ڇا آهي، جنهن ان کي منفرد ڪري ڇڏيو آهي يا اهڙي ڪهڙي نواڻ آهي، جيڪا ان کان اڳ ۾ سنڌي ناول ۾ بيان نه ڪئي وئي آهي. پر سچ ته اهو آهي، اها ٺلهي ڳالهه آهي. جيڪا بس لکي ويندي آهي، پر ان جي ڪابه وضاحت نه ڪئي ويندي آهي. اهو ناول ڏانهن هڪ غير سنجيده رويو آهي، ڇاڪاڻ ته اسين ناول جي اصل رخ کي ڏسڻ توڙي ان کي بيان ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. جنهن ڪري جيڪو به گهران رسي ٿو، اهو ناول لکڻ لاءِ آتو لڳو پيو آهي. ڀلي ان کي ناول جي عنصرن ۽ ان جي گهرجن جي ڄاڻ به نه هجي.
اردو جي مشهور ناول نگار عبدالله حسين جو افسانوي ادب جي حوالي سان شروع ۾ ڪوبه ڪيريئر ڪونه هو. پر هن ناول لکڻ کان شروعات ڪئي. سندس پهريون ناول “اداس نسلين” آهي، جيڪو اردو جي بهترين ناول ۾ ڳڻيو وڃي ٿو ۽ اڄ به اهو ناول ادب ۾ وڏو اثر رکي ٿو پر ان ناول جي ڇپجڻ ۽ منظر عام تي اچڻ جي به هڪ ڪهاڻي آهي. ٿيو هيئن جو عبدالله حسين اهو ناول لکي پورو ته ڪري ورتو ۽ ڇپائڻ لاءِ تيار ٿي ويو. جڏهن هو پنهنجي هڪ دوست وٽ اهو ناول کڻي ويو ته دوست کيس صلاح ڏني ته تنهنجي نالي کان ڪونه وقف ڪونهي ۽ نه ئي ان کان اڳ ۾ تنهنجي تخليقي لکڻي ڇپجي پڌري ٿي آهي. تنهنڪري اهو ضروري آهي ته ٻه ٽي ڪهاڻيون لکي ڇپائي ته جيئن ادبي دنيا ۾ عبدالله حسين کي ڪي سڃاڻڻ وارا هجن، ان کان پوءِ تنهنجو ناول ڇپجڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي. عبدالله حسين پنهنجي دوست جي صلاح تي عمل ڪيو ۽ هن ڪجهه ڪهاڻيون ڇپايون. اهي ڪهاڻيون بحث آيون ۽ ان کان پوءِ ناول اداس نسلين ڇپجي پڌرو ٿيو. ان سان ائين ٿيو جو عبدالله حسين هڪ ڪهاڻيڪار طور ادبي دنيا ۾ اڳواٽ ئي متعارف ٿي چڪو هو.
پر اسان وٽ ڪوبه نوجوان توڙي پڪي ڄمار جو ماڻهو ان ڳالهه کي ڪنهن ليکي ۾ نٿو آڻي. ڇاڪاڻ ته اهي سمجهن ٿا ته ناول لکي ڇپائڻ سان ماڻهو تڪڙو مشهور ٿي سگهي ٿو ۽ ناول ئي هڪ اهڙي ادبي صنف آهي، جيڪا ماڻهوءَ جون سموريون صلاحيت کي نروار ڪري سگهي ٿي. جيڪي ماڻهو ڪهاڻي يا افساني جي اهميت کان واقف نه آهن، اهي اهو سمجهن ٿا ته ناول لکڻ بنهه سولو ڪم آهي. پر جڏهن اهي ڪچا ڦڪا ناول ڇپجي اچن ٿا ته پڙهي وقت وڃائڻ جو احساس ٿئي ٿو.
لوري مور جو چوڻ آهي ته “هڪ ڪهاڻي لو افيئر آهي، جڏهن ته ناول شادي آهي، هڪ ڪهاڻي فوٽو آهي پر هڪ ناول فلم آهي.” ان ڪري ناول لکڻ جو معاملو ايترو سادو ناهي، جيترو سنڌيءَ جي سيکڙاٽ ناول نگارن سمجهي ورتو آهي. ان سان ائين ٿئي ٿو ته اها لکڻي نه ناول هوندي آهي ۽ نه ئي وري ڪهاڻي. ڪجهه عرصو اڳ هڪ پبلشر ٻڌايو ته هڪ سيکڙاٽ ليکڪ جي ايم سيد تي ناول لکي کڻي آيو. جنهن کي پڙهي اهو احساس ٿي رهيو هو ته هو سائين جي ايم سيد جون تقريرون سهيڙي آيو هجي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ ناولن جا عنصر ۽ افسانوي رنگ ڪونه هئا. تنهنڪري ناول رڳو ڪردار جو مڪالمو ناهي هوندو پر اهو زندگيءَ سان ڀرپور هڪ اهڙي لکڻي هوندي آهي، جنهن کي پڙهڻ وقت اهو احساس ٿئي ته ناول ۾ بيان ڪيل زندگي اسان جي ڀرپاسي ساهه کڻي رهي آهي ۽ اها ڪهاڻي انهن ئي ڪردار جي آهي، جيڪي اسان جي چوڌاري ڀٽڪي رهيا آهن.
ڪي ناول ته اهڙا آهن، جن ۾ ڪردارن جي ڪا شبيهه ناهي، اهي ڪردار ڪيئن ٿا نظر اچن، بس ايتري خبر پوندي آهي ته ڪو ڪردار مرد آهي يا عورت آهي. پر دنيا جا سڀئي مرد ۽ عورتون هڪجهڙا ناهن. انهن جون شڪليون الڳ آهن، انهن جا مزاج ڌار ڌار آهن، انهن جا گڻ ۽ اوگڻ به جدا جدا آهن. تنهنڪري رڳو اهو ڏيکارڻ ته هيرو ڇوڪرو ۽ هيروئين عورت آهي، اهو ڪافي ناهي. پر اهي جڏهن ناول ۾ پيش ڪيا وڃن ٿا ته انهن کي هڪ پڙهندڙ ڪيئن ٿو محسوس ڪري. ان جي تصور ۾ انهن جون شڪليون ڪهڙي ريت اچن ٿيون. اهو هڪ اهم ۽ لازمي جز آهي، جنهن کي ناول لکندڙ نظرانداز ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ افساني ميجڪ هلندو آهي پر منطق به هلندو آهي. ان کي هڪدم پاسيرو نٿو رکي سگهجي.
تنهنڪري جيڪي تجربا نوان سامايل ليکڪ سنڌي ادب ۾ ڪري رهيا آهن، اهي ڪنهن به ريت منفرد نه آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي افسانوي ادب جي ڪا ڄاڻ ئي ناهي. اها ڄاڻ ان صورت ۾ اچي سگهي ٿي، جڏهن اهي ناول جو تجربو ڪرڻ بدران پهرين ڪهاڻي لکڻ جو تجربو ڪن. ناول کي سولي صنف سمجهندڙن کي پهرين افسانوي ادب ۾ پنهنجو پاڻ کي متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. پر ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته اظهار جو اڪيلو ذريعو ناول ناهي، نثر به آهي. جنهن وسيلي گهڻا ماڻهو پاڻ کي وڌيڪ بهتر نموني اظهاري سگهن ٿا. سو ناول کي منفرد ڪرڻ جي چڪر ۾ ان جو رهيل معيار نه ڪيرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button