رانديون

ٿل جيپ ريلي نادر مگسي کٽي ورتي، زين محمود ناڪام

ستين ٿل جيپ ريلي ۾ اڳوڻو چيمپيئن صاحبزادا زين محمود ٽائيٽل جو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي ۽ ڪاميابي جو تاج نادر مگسي پائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق ستين ٿل جيپ ريلي جي سرڪاري طور جاري ڪيل نتيجن ۾ پري پيئرڊ جي ڪيٽيگري اي، بي، سي ۽ ڊي ۾ نادر مگسي، اسد خان شادي خيل، سيد ظهير حسين شاهه، مظفر بلوچ، عورت ڊرائيورن مان رباب سلطانا ڪاميابي ماڻي آهي. اي ڪيٽيگري ۾ نادر مگسي 195 ڪلوميٽر جو سفر 2 ڪلاڪ 10 منٽن ۾ طئي ڪري پهرين پوزيشن ماڻي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button