
آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڊيوڊ وارنر مٿان ڊگهي مدي تائين ڪپتاني تي لاڳو پابندي هٽائڻ جو دروازو کلي ويو آهي، ڇوتھ ڪرڪيٽ آسٽريليا پنهنجي قانون ۾ ترميم ڪري اپيل جو حق بحال ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊيوڊ وارنر جو چوڻ هو تھ مان ڏوهاري ناهيان، اپيل جو حق ملڻ گهرجي، تاحيات پابندي بيمار ڪري ٿي.