رانديون

فيفا ورلڊ ڪپ ۾ تماشائين خاطر ٺاهيل خيما هاسٽل بيڪار ثابت

قطر فيفا ورلڊ ڪپ جي فين ويليج تماشائين کي سهولتن جي اڻاٺ سبب اتان پاسيرو ٿي ٻئي هنڌ رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، ڇوتھ خيمن تي ٻڌل ان هاسٽلن واري فين وليج کي بيڪار جي لفظ بنا اوهان ڪجهه نٿا چئي سگهو. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي

فيفا وليج جو ڏيک

تھ فٽبال ورلڊ ڪپ جا مقابلا ڏسڻ خاطر سڄي دنيا مان ايندڙ شوقينن جي رهائش جي ڏس ۾ جوڙيل خيمن تي ٻڌل فين وليج جو ڪم شايد اڃا اڻپورو آهي، پر هتي هڪ خيمي جي هڪ رات واري مسواڙ 200 ڊالر رکي وئي، جيڪا ادا ڪرڻ باوجود تماشائي اتان واپس وڃي رهيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ هر خيمي ۾ ٻھ سنگل بيڊ، ليمپ، پکو رکيو ويو، گرمي جي شدت ماڻهو پريشان ڪيا، فرانس، جاپان ۽ ٻين ملڪن جي فٽبال جي شوقينن جو چوڻ آهي تھ هاسٽل وٽ اسٽور بند آهن، پيئڻ جو پاڻي ناهي، گرمي سبب ننڊ بھ نٿي اچي، تنهنڪري وڃي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button