
قطر فٽبال ورلڊ ڪپ جي جاري مقابلن ۾ آمريڪا ۽ ويلز جي ٽيمن وچ ۾ ميچ هڪ، هڪ گول تان برابر ٿي وئي آهي ميڊيا مطابق الريان اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ آمريڪا جي ٽموٿي ويا 36 منٽ ۾ پهريون گول ڪيو، جنهن بعد ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن وڏا حملا ڪيا، پر ڪوبھ گول نھ ڪري سگهيو. جڏهن تھ ميچ جي آخري لمحن ۾ ويلز جي ڪپتان گريٿ بيل پينلٽي ڪڪ ملڻ تي گول ڪري ميچ کي برابر ڪري شڪست کان ٽيم کي بچائي ورتو آهي.