رانديون

ورلڊڪپ ۾ هڪ ٻيو اپ سيٽ، 4 ڀيرا عالمي چئمپين رهندڙ جرمني کي جاپان شڪست ڏئي ڇڏي

قطر ۾ هلندڙ فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ هڪ ٻئي وڏي اپ سيٽ هارائيندڙ ٽيم ۽ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو، جاپان جي ٽيم 4 ڀيرا عالمي چئمپين رهندڙ جرمني کي هڪ جي ڀيٽ ۾ 2 گولن تان شڪست ڏئي واهه واهه ڪرائي ڇڏي. فيفا ورلڊ ڪپ ۾ گروپ اي جي مئچ ڇرڪائيندڙ ثابت ٿي، جنهن ۾ جاپان چار دفعا فاتح رهندڙ ٽيم جرمني کي 1-2 تان مات ڏني، جرمني طرفان مئچ جو واحد گول لائيڪي 33 هين منٽ ۾ اسڪور ڪيو. جنهن بعد جاپان جي رانديگر ريٽسو 75 هين منٽ ۾ پهريون گول ڪري مقابلو برابر ڪيو ۽ 83 هين منٽ ۾ تاڪوما هڪ ٻيو گول اسڪور ڪري ٽيم کي سرسري ڏياري جيڪا مئچ جو وقت پورو ٿيڻ تائين برقرار رهي. واضح رهي ته جاپان جي اها ورلڊ ڪپ ۾ ۽ مجموعي طور پڻ جرمني خلاف پهرين ڪاميابي آهي. ورلڊ ڪپ ۾ ان کان اڳ سعودي عرب فيوريٽ ٽيم ارجنٽينا کي اپ سيٽ شڪسٽ ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button