گڏيل قومن طرفان نياڻين جو عالمي ڏينهن 11 آڪٽوبر تي هر سال ملهايو ويندو آهي. جنهن ۾ هر سال هڪ مختلف ٿيم هوندو آهي، هن سال جو ٿيم هو ڊجيٽل جنريشن اور گرلس. بنيادي طور تي جنهن جو مقصد آهي ته نياڻين کي ڪمپيوٽر ۽ ڊجيٽل تعليم جو اوترو حق هجي جيترو ڇوڪرن کي هوندو آهي، يعني ڇوڪرين کي به جديد ٽيڪنالوجي سان سلهاڙڻ گھرجي ۽ اُن جو جنسي متڀيد Gender discrimination نه هئڻ گھرجي.
هن ڏينهن جي شروعات عورتن جي عالمي ڪانفرنس بيجنگ چائنا انٽرنيشل وومين سمٿ 1995 ۾ ٿي. جنهن ۾ اِهو چيو ويو هو ته، جتي اسين عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪيون ٿا، اتي نياڻين جي تعيلم جي حقن جي ڳالهه به ضروري ۽ الڳ سان هئڻ گھرجي. ان ڳالهه کي هڪ را سان منظور ڪيو ويو ۽ پوءِ باقائده ان ڏينهن ملهائڻ جي شروعات ٿي. ڇاڪاڻ ته هڪ نياڻي کي ئي اڳتي هلي هڪ ذميوار عورت بڻجڻو هوندو آهي. اُن لاءِ اُن جي تعيلم، صحت، تحفظ، جنسي متڀيد، تعليم ۽ ٽيڪنالوجي جا موقعا، ننڊي عمر جون شاديون ۽ جنسي تشدد اچي وڃن ٿا. اُن کان علاوه تعليمي ميدان ۽ شادي جي معاملي ۾ سندن راضپو تمام اهم آهي.
جنسي متڀيد
چوندا آهن ته اولاد ۾ پٽ نعمت آهي پر ڌيءُ وري رحمت هوندي آهي. اسان جي معاشري ۾ گھرن ۾ مائرون به جيڪي پنهنجي نياڻين ۽ پٽن جون سڳيون مائرون هونديون آهن، اهي به جنسي متڀيد جو مظاهرو ڪنديون آهن. هر سٺو کاڌو ڪپڙو لٽو ماءُ پنهنجي پٽ کي وڌيڪ ڏيندي ۽ ڀائيندي آهي. جڏهن ته ڌيئرن کي ڪنهن حد تائين نظر انداز ڪيو ويندو آهي. چيو ويندو آهي ته ڌيئرون هڪ مهمان آهن، انهن کي هڪ ڏينهن وڃڻو هوندو آهي، هڪ ئي گھر ۾ سندن سڳي ماءُ جن جي ڪک مان ڌيءُ ۽ پٽ جنم وٺندا آهن، انهن کي جنس جي بنياد تي ڌار ڪيو ويندو آهي. پهاڪو آهي ته چيئرٽي بگنس ايٽ هوم، هڪ نياڻي سان جيڪا ساڳي گھر ۾ جنم وٺي ٿي، ان سان جنسي متڀيد وارو رويو رکيو وڃي ٿو. جنهن سان نياڻين ۾ احساسِ ڪمتري ٿئي ٿي، جيڪا سندس شخصيت تي تمام گھڻو اثر انداز ٿئي ٿي. جڏهن ته نياڻيون پنهنجي مائٽن سان وڌيڪ سچيون هونديون آهن، پٽ ملڪيتن جي وراثت جي ڳالهه ڪندا آهن ته ڌيئرون جنازن سان گڏ وينديون آهن.
اڪثر اِهو به ڏٺو ويو آهي ته جڏهن نياڻي گھر ۾ جوان ٿيندي آهي ته ان کان پسند جي تعليمي فيلڊ ناهي ڏني ويندي ۽ چيو ويندو آهي ته اِها فيلڊ توهان لاءِ صحيح نه آهي. هڪ اندازي مطابق اسان وٽ تقريبن 70 سيڪڙو نياڻين سان سندن شادي جي مرضي يا صلاح نه ورتي ويندي آهي، جيڪو پڻ صحيح نه آهي، مذهبي ۽ سماجي حوالي سان ڏسجي ته انهن کي پنهنجي ازدواجي زندگي ۾ جيون ساٿي چونڊڻ جي اجازت هوندي آهي.
اسان وٽ اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته نياڻين کي تعليم جي هر شعبي ۾ وڃڻ جي اجازت نه هوندي آهي ڪجھه مخصوص شعبا آهن، جنهن ۾ سندن مائٽ پنهنجي مرضي سان داخلا وٺي ڏيندا آهن پر عالمي طور تي ڏٺو وڃي ته هي هڪ technology جو دور آهي ۽ اڪثر دنيا ۾ جنسي متڀيد ختم ٿي چڪي آهي ۽ اتي جنسي برابري جي ڳالهه هوندي آهي.
اسان جي معاشري ۾ نياڻين کي computer انفارميشن ٽيڪنالوجي، ڪمپوٽر ۽ زراعت واري تعليم کان به پري رکيو ويندو آهي، چيو ويندو آهي ته اهي ڇوڪرن جون آهن، اُن حوالي سان نياڻين کي discriminte ڪيو ويندو آهي، جنهن سان به سندن شخصيت تي ناڪاري اثر پوندا آهن. چوندا آهن ته مرد پڙهيو ته فرد پِڙهيو، ۽ ڇوڪري پڙهي ته گھر پڙهيو، ڇاڪاڻ ته اڳتي هلي ان کي ئي ماءُ ٿيڻو هوندو آهي ۽ گھر جو اندروني adminstrator ٿيڻو هوندو آهي.
تعليم پرائڻ کان پوءِ وري جڏهن روزگار جون feilds selection ڪرڻي هوندي آهي ته اتي به گھڻي ڀاڱي نياڻين کي اجازت نه هوندي آهي ۽ هڪ ٻن شعبن کانسواءِ محدود ڪيو ويندو آهي ان جو هڪ سبب اِهو به آهي ته اسان وٽ ڇوڪرين کي work places تي هراسان ڪيو ويندو آهي.
ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ڏسجي ته نياڻين کي wages به گھٽ ملندا آهن جيڪڏهن ڇوڪري کي 500 روپيه ڏهاڙي ملندي آهي ته ان جي جڳهه تي نياڻي کي 300- 200 روپيه ملندا آهن. اها پڻ جنسي اڻ برابري کي هٿي وٺرائي ٿي. يعني اجرت به جنسي بنياد تي ڏنا وڃن ٿا، جنهن سان پڻ سندن شخصيت تي ڪي سٺا اثر نه پوندا آهن. يعني نياڻين کي هر جڳهه هر فيلڊ پو اهو سندن گھر هجي، اسڪول هجي، آفيس هجي، اتي کين ڪم مرضي مطابق ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي، بلڪه انهن کي differentiate ڪيو وڃي ٿو.
نياڻيون اسان جي معاشري ۾ ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪم ڪنديون آهن ۽ آبادي واري شرح ۾ نياڻين جو ڇوڪرن کان وڌيڪ حصو آهي ته انهن کي ڇڏي ڪري اسين ڪيئن پائدار ترقي جو سوچي سگھون ٿا، ان لاءِ نياڻين کي به معاشري ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن معاشري ۾ sustainable development اچي سگھي.
معاشي طور تي ڏسجي ته به نياڻيون وڌيڪ ڪمزور هونديون آهن، ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ نياڻين کي مائٽ گھٽ خرچي ڏيندا ۽ گھٽ خرچ ڪندا آهن. Digitalization جي هن دور ۾ نياڻين کي ڊجيٽل تعليم کان بنهه پري رکيو ويو آهي جيڪو پڻ جنسي متڀيد کي هٿي وٺرائي ٿو. اسان کي پنهنجي نياڻين کي تعيلم ۽ روزگار ۾ معاشي اوسر جا هڪ جيترا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا ته جيئن انهن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ٿي سگھي.
اسان کي معاشي طور نياڻين کي وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، انهن کي سکيا ڏيڻي پوندي ته هو آئي ٽي ڪمپوٽر جي ڀيٽ ۾ اڳتي اچن ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھن. انهن لاءِ گورنمينٽ ۽ اين جي او تحت انهن کي هٿي وٺرائي سگھجي ٿي، اسڪول ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز ۾ انهن کي موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. ڏٺو وڃي ته يونيورسٽي ۾ ڇوڪرين جو تعداد تمام گھٽ هجي ٿو ۽ اڪثر هو ڪاليج جي تعليم تائين محدود ٿي وڃن ٿيون ۽ اسان وٽ ڏٺو وڃي ته ننڊي عمر ۾ شادي به هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن سان نياڻين کي اڳتي وڌڻ ۾ تمام گھڻيون مشڪلاتون هجن ٿيون ۽ انهن جي صحت به سٺي نٿي رهي.
ان لاءِ ڪافي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جيئن اسان جي زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ پروفيسر اسماعيل ڪنڀر صاحب جي نگراني ۾Gender Resource Center تمام اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ آئي ٽي، ڪي جي، چوپائي مال جي ٻهراڙي جي نياڻين کي تعليم ۽ هنري سکيا ڏني وڃي ٿي جنهن سان انهن جي ڪافي حد تائينeconomic personal skill & developemnt ٿئي ٿي ۽ اهي پنهنجي ڳوٺ ۾ معاشي طور تي مستحڪم ٿين ٿيون. انهن کان سواءِ اسان جي يونيورسٽي جو سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري صاحب پڻ female education کي هٿي وٺرائي رهيو آهي، ان کانسواءِ Development Foundation & Growth پڻ نياڻين کي تعليم ڏئي رهي آهي.