ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا عوام هاڻي مٽي کائي؟

Editorial ڇا عوام هاڻي مٽي کائي؟

پي ٽي آ عوام لا جيئڻ جا سڀئي گس بند ڪري ڇڏيا آهن. گذريل ساڍن ٽن سالن کان هاڻوڪي حڪومت جيڪي ڪجهه عوام سان ڪندي رهي آهي، ان کان پو اهو ته صاف ظاهر آهي ته تبديلي سرڪار کي عوام سان ڪو واسطو ناهي ۽ اها عوام کي سهولتون ڏيڻ بدران مليل رعايتون به کسڻ لڳي آهي. تازو ملڪ ۾ جيڪا مهانگائي جي لهر آهي، ان کان پو عوام وڌيڪ بدحال ٿيو آهي پر ان مهانگائي کي دنيا جي مهانگائي سان ڀيٽيو پيو وڃي. وزير اعظم عمران خان عوام کي خطاب ڪرڻ وقت اهو ٿو ٻڌائي ته پاڙيسري ملڪن کان پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون گهٽ آهن. پر هو اهو ٻڌائڻ لا تيار ناهي ته اتان جي جي ڊي پي بهتر آهي، اتان جي عوام جي آمدني پاڪستان جي عوام کي بهتر آهي. مهانگائي کي هاڻُوڪي حڪومت مجبوري بڻائي ڇڏيو آهي پر اها پاڻ پنهنجا شاهي خرچ گهٽائڻ لا تيار ناهي. وزيرن لا نيون گاڏيون پيون اچن، انهن جون مراعتون جيئن جو تيئن برقرار آهن پر مهانگائي جو سڄو بار عوام تي وڌو ويو آهي. هاڻ ته کاڌي پيتي جون شيون ايڏيون مهانگيون ڪيون ويون آهن جو عوام لا اهي وٺڻ ئي ڏکيون ٿي ويون آهن. جڏهن کان پيٽرول مهانگو ٿيو آهي، ان کان پو کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ته وڌيا آهن پر ان سان گڏ ڀاڙن ۾ به واڌ ٿي وئي آهي.
ڪالهوڪي آيل رپورٽ موجب پيٽروليم شين ۾ تازي اضافي کانپوءِ جاڙن شهرن ۾ مهانگائي جي نئين لهر اچي وئي آهي. عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي وئي آهي. گڊز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب پيٽروليم شين ۾ تازي اضافي سان راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي غله منڊي، فروٽ منڊي، سبزي منڊي، چڪن منڊي ۽ مڇي منڊي ۾ مهانگائي جو نئون سونامي اچي ويو آهي. کير، ڏهي، گيهه، اٽو، چانور، داليون، گوشت ۽ مرغي جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي. اڳ ئي مهانگائي کان تنگ شهرين تازي مهانگائي کي آخري حد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته پيٽروليم شين ۾ اضافي سان گڏ گڊز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو آهي. جاڙن شهرن ۾ ميٽرو بس کان سوا ٽيڪسي، رڪشا ڪيب، سوزوڪي ۽ ويگن جي ڀاڙن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. جنهن سبب گهٽ آمدني وارا شهري سخت پريشاني جو شڪار آهن. گذريل ٽن سالن ۾ پي ٽي آ حڪومت رڳو مهانگائي مٿان مهانگائي وڌائي آهي پر ان آمدني ۾ اضافو ناهي ڪيو. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جو پگهار ٽي سال 20 هزار هو ته اڄ به اهو ساڳيو آهي پر شين جا اگهه بنهه گهڻا وڌي ويا آهن. ان ڪري ان ساڳي پگهار ۾ گذارو ڪرڻ عوام لا ڏکيو ٿي پيو. جڏهن حڪومت کان اهو سوال ڪيو وڃي ٿو ته مهانگائي سبب عوام پريشان آهي، ان جو حل ڇا آهي ته حڪومتي نمائندا عجيب خبرون ڪرڻ لڳندا آهن، جيئن ڪالهه شوڪت ترين چيو ته ملڪ ۾ هن وقت کنڊ گهڻي مقدار ۾ موجود آهي، ان ڪري اها مهانگي ملي رهي آهي. اها عجيب ڳالهه آهي ته جيڪا شي ملڪ ۾ گهڻي هوندي ته اها مهانگي يا اڻ لڀ ڪيئن هوندي. هن وقت ملڪ ۾ کنڊ 170 روپيا ڪلو تائين ملي رهي آهي. پي ٽي آ حڪومت نه رڳو عوام سان تبديلي جي نالي تي دوکو ڪيو آهي پر ان عوام سان جيڪي ڪلور ڪيا آهن، اهي تاريخي آهن.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومت بنا جواز جي مهانگائي ڪري عوام لا پريشانيون وڌائي رهي آهي، عوام جي مالي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي پر حڪومت جي ڪن تي جون به ڪانه ٿي سري. حڪومتي نمائندا جيڪي ڪهاڻيون عوام کي ٻڌائي رهيا آهن، انهن تي عوام هاڻ يقين ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪوڙا انگ اکر پيش ڪرڻ بدران مهانگائي کي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button