رانديون

ايران پهرين ڪاميابي ماڻي ورتي، برازيل بھ ڪامياب، ويلز ۽ سربيا هارائي ويا

فيفا ورلڊ ڪپ جي قطر مقابلن ۾ ايران ويلز کي شڪست ڏئي ايونٽ ۾ پهرين ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. جڏهن تھ برازيل بھ سربيا کي هارائي ڪامياب شروعات ڪئي آهي. ميڊيا مطابق فيفا ورلڊ ڪپ ۾ گروپ ميچن جو پهريون رائونڊ مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ گروپ سي جي ٽيمن مان 5 ڀيرا چيمپيئن رهندڙ برازيل مخالف ٽيم سربيا کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ 2 گولن تان شڪست ڏني آهي، جنهن رچرليسن 62 ۽ 73 منٽ ۾ ٻھ گول ڪري برازيل کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي.

هوڏانهن گروپ بي ۾ ايران پهرين رائونڊ ۾ انگلينڊ هٿان شڪست کائڻ بعد ٻئي رائونڊ ۾ دلچسپ مقابلي بعد ويلز کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ 2 گول ڪري ميچ کٽي پهرين ڪاميابي ماڻي گروپ ۾ ٻي پوزيشن ماڻي آهي. جڏهن تھ سربيا ۽ ويلز جا رانديگر پنهنجي پنهنجي ميچ ۾ ڪوبھ گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. ٻئي پاسي گروپ بي ۾ اڄ انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ اهم مقابلو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button