رانديون

فيفا ورلڊ ڪپ ارجنٽينا جي پهرين ڪاميابي، ميڪسيڪو کي شڪست

قطر ۾ جاري فٽبال ورلڊ ڪپ جي مقابلن ۾ ارجنٽينا سعودي عرب کان ميچ هارائڻ بعد ميڪسيڪو کي شڪست ڏئي ايونٽ ۾ واپسي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق لوسيل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل اهم ميچ دوران ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن پهرين هاف ۾ شاندار راند کيڏي ۽ هڪٻئي تي لاڳيتو حملا ڪندا رهيا، پر ڪوبھ رانديگر گول ڪرڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي سگهيو. جڏهن تھ راند جي ٻئي هاف ۾ ليونل ميسي 64 منيٽ ۾ شاندار نموني سان گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري ورتي، جنهن بعدراند ختم ٿيڻ کان رڳو 3 منٽ اڳ اسٽرائيڪر فرنينڊنس گول ڪري واضع برتري ڏيارڻ سان گڏ ٽيم کي ڪاميابي جو رستو ڏيکاري پوائينٽس ٽيبل تي 3 پوائينٽس ڏياريون آهن. هوڏانهن ميڪسيڪو جا رانديگر وڏين ڪوششن باوجود گول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button