ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام جا ڏينهن ڪڏهن تبديل ٿيندا؟

Editorial

حڪومت کي آئي 8 مهينن جو عرصو ٿي ويو آهي پر اڃا ائين عوام جي قسمت ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. اهو ئي سبب آهي جو مهانگائي گهٽ ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي. جيڪڏهن ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جو جائزو وٺجي ته ان ۾ اڪثر شين جا اگهه وڌندا آهن ان جي ڀيٽ ۾ جن شين جي اگهن ۾ لاٿ ايندي آهي، اهي گهٽ ئي هونديون آهن. ان مان واضح آهي ته مهانگائي وڌي پئي. جيڪا عام ماڻهو لا مصيبتون کڻي اچي ٿي. شماريات کاتي جي رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 19 شين جي اگهن ۾ واڌ جڏهن ته 9 شين جي قيمتن ۾ لاٿ آئي آهي. رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران بصر جي في ڪلو قيمت چار روپيا 48 پئسا، کنڊ جي في ڪلو اگهه ۾ هڪ رُپيو ويهه پئسا سميت پٽاٽن، تازي کير، چانورن، ٿوم، گوشت جي اگهن ۾ پڻ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هڪ هفتي دوران آنن جي في ڊزن اگهه ۾ 21 رُپيا 50 پئسا واڌ ٿي جڏهن ته جيئري ڪڪڙ 11 رُپيا 60 پئسا مهانگي ٿي وئي آهي. هفتي دوران ملڪ ۾ هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ 0 ڏهائي 48 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن سالياني بنيادن تي هفتيوار مهانگائي جي شرح 30 ڏهائي 16 سيڪڙو رهي آهي. ملڪ ۾ گذريل ڇهن هفتن کان مهانگائي جي شرح ۾ واڌ وارو لاڙو رهيو آهي.
ٻئي پاسي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح 15 سيڪڙو مان وڌائي 16 سيڪڙو ڪري ڇڏي. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته مهانگائي جو دٻاءُ توقع کان وڌيڪ آهي، وياج جي شرح ۾ واڌ جو مقصد مهانگائي کي گهٽائڻ آهي، معاشي سستي ۽ عالمي حالتن سبب مهانگائي وڌي رهي آهي. مرڪزي بئنڪ جو چوڻ آهي ته ٻوڏ کانپوءِ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، آڪٽوبر ۾ مهانگائي ۾ تيزي سان اضافو ٿيو جڏهن ته گهٽ درآمدات جي نتيجي ۾ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڪافي حد تائين گهٽجي ويو. بئنڪ دولت پاڪستان جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال معاشي ترقي ٻه سيڪڙو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو ٽي سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. جيڪڏهن تيل جي عالمي قيمتن ۾ تازي گهٽتائي جاري رهي ته پرڏيهي کاتي تي دٻاءُ وڌيڪ گهٽجي ويندو. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ کي ڏسندي هن مالي سال مهانگائي جي سراسري شرح 21 کان 23 سيڪڙو تائين وڌڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته آڪٽوبر ۾ اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح 15 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو هو.
ڪٿان به ڪا اميد نظر نه پئي اچي ته عوام لا ڪو ڀلو ٿيڻ وارو آهي، هر ايندڙ ڏينهن عوام لا نيون مصيبتون کڻي اچي رهيو آهي. هن وقت ملڪ ۾ عوام لا ٻين سڀني مصيبتن کان وڌيڪ وڏي مصيبت مهانگائي آهي جنهن غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هڪ 4 سئو رپيا ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت ان لا پريشان آهي ته هو ايڏي مهانگائي ۾ پيٽ، پالي، دوائون وٺي يا ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪري. جيئن تيئن ڪري غريب ماڻهو اڃا هڪڙو هفتو گذاري ئي مس ٿو ته مٿان مهانگائي جي شڪل ۾ ٻيو عذاب نازل ٿي ٿو وڃيس. ان باوجود حڪمران معاشي بهتري جون دعوائون ڪندي نه پيا ٿڪجن.
هن ملڪ ۾ ڏينهن ته حڪمرانن جا تبديل ٿيندا آهن، عوام لا ته ڪو به ڏينهن تبديل ناهي ٿيندو. عوام لا رڳو چهرا تبديل ٿيندا آهن، پر عوام دشمن معاشي پاليسيون جاري رهنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به مهانگائي کي پر لڳل آهن. ڪا به شئي اهڙي ناهي جيڪا مهانگائي جي حملي کان بچي هجي. عام واهپي وارين شين جا اگهه آئي ڏينهن وڌي رهيا آهن، ۽ اگهن تي ڪنٽرول جا ڪي به امڪان نظر نه پيا اچن. هي اهي ساڳا حڪمران آهن جيڪي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ مهانگائي خلاف مارچ ڪندا هئا. هاڻي مهانگائي ۾ اڳوڻي حڪومت کي به مات ڏئي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button