رانديون

انگلينڊ جي ٽيم 17 سالن بعد ٽيسٽ سيريز کيڏڻ پاڪستان پهچي وئي

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 17 سالن جي وڏي عرصي بعد ٽيسٽ سيريز کيڏڻ جي ڏس ۾ پاڪستان پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڪپتان بين اسٽوڪس جي اڳواڻي ۾ انگلش ٽيسٽ اسڪواڊ اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهتو، جتان انهن کي سخت سيڪروٽي هيٺ رهائش واري هوٽل پهچايو ويو آهي. هوڏانهن مهمان ٽيم جي پاڪستان پهچڻ وقت سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا. جڏهن تھ ٽيم سان گڏ مارڪ ووڊ ۽ هيري بروڪ فٽنيس مسئلن سبب ناهن آيا. اسلام آباد ايئر پورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي بين اسٽوڪس ٻڌايو تھُ مارڪ ووڊ ۽ هيري بروڪ کي گهرڀاتين سان گڏ آرام ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي تھ جيئن اهي ٿڪاوٽ کي ختم ڪن. پهرين ٽيسٽ پنڊي ۾ خميس کان شروع ٿيندي. هن ميدان تي قومي ٽيم 12 ٽيسٽ کيڏيا آهن، جن مان 5 ۾ فتح ۽ 3 ۾ شڪست کاڌي آهي. ياد رهي تھ انگلينڊ جي ٽيم ابوظهبي ۾ ڪجهه ڏينهن ترسي اتي ڀرپور پريڪٽس ڪئي آهي، جنهن بعد اهي پاڪستان پهتا آهن. هوڏانهن پي سي بي مهمان ٽي، جي آجيان ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button